ميانوالي ويجهو تربيتي جهاز ڪري تباهه، 2 پائليٽ شهيد

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) ميانوالي ايئربيس ويجهو پاڪ فضيائيه جو تربيتي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ سوار 2 پائليٽ شهيد ٿي ويا. پاڪ فضيائيه جي ترجمان مطابق تربيتي جهاز ايف ٽي 7 ۾ پائليٽ اسڪوارڊن ليڊر حارث بن خالد ۽ فلائنگ آفيسر عبدالرحمان سوار هيا. تربيتي جهاز ميانوالي ايئربيس کان اڏاميو هو ۽ لينڊنگ ڪرڻ کان پهرين فني خرابي ٿيڻ سبب هو ميانوالي ايئربيس ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو. حادثي جو اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون موقعي واري جڳهه پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته فورسز به علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. واقعي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ايئرهيڊ ڪوارٽر بورڊ جوڙيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو