موٽر سائيڪل ڦر، پيڇو ڪندڙ قتل، ڳوٺ تي ڪڙو

پنوعاقل (سنتوش ڪمار )سڌوجا ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم ڦورن پاران ڳوٺاڻن کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته واهر پهچڻ ڪري ڦورن ۽ڳوٺاڻن جي هڪ ٻئي مٿان سڌي فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ ڦورن جي فائرنگ  ۾ برڪت بليلاڻي مارجي  ويو  مقتول جي لاش کي وارث پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي پهتا جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جو لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف ڳوٺاڻن ۽ پوليس گڏجي ڦورن جو پيڇو ڪندي سنڌو درياءُ پار ڪري سندن ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف  ڊي ايس پي ڪچو قلندر بخش سومرو کان وڌيڪ تفصيل وٺڻ لاء رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن جو فون نمبر بند هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اگر پوليس ڪنٽرول نه ڪيو ته ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيڻ جو انديشو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو