موٽر سائيڪل جو ٽريڪٽر سان ٽڪر هڪ فوت 3 زخمي

راڻيپور (نديم شيخ) ڪنب راڻيپور روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو فوت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ ولي محمد ملاح جا رهواسي پورهيت موٽرسائڪيل تي راڻيپور مزوري لاءِ اچي رهيا هئا ته نور سي اين جي سامهون حادثو پيش آيو. نوجوان پورهيت عامر ملاح ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته نويد ملاح راشد ملاح ۽ واجد ملاح زخمي ٿي پيا. جن کي علاج لاءِ راڻيپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جن جو علاج هلندڙ آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي فوت پوهيت عامر ملاح جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو فوت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو