مون سون پهريون مرحلو پورو، جولاءِ جي آخر ۾ وري برسات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽئين ڏينهن به هلڪي برسات بعد ڪراچي ۾ موسم خوشگوار، لالو کيت، گلستان جوهر، گلشن اقبال صدر، قيوم آباد، گرو مندر ۽ ڀرپاسي وسڪارو، موسميات کاتي طرفان ڪراچي، بدين ۽ ٺٽي جي ساحلي پٽيءَ ۾ رات تائين وقفي وقفي سان هلڪي برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي، ڊائريڪٽر موسميات سردار سرفراز موجب چوماسي جي برسات جو موجوده سلسلو اڄ رات تائين ختم ٿي ويندو، جولاءِ مهيني جي آخري حصي ۾ ٻيهر برساتي سلسلو شروع ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو