مولوي پاران 6 سالن جي ٻارڙي سان زيادتي جو اعتراف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گجرانوالا جي مدرسي ۾ 6 ورهين جي ٻارڙيءَ سان زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي.  پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي سان زيادتي جو واقعو ٻه ڏينهن اڳ پيش آيو هو، جتي متاثر ٻارڙي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي وئي ته جوابدا کيس زبردستي پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي سان زيادتي ڪرڻ واري جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي وئي جيڪو متاثر ٻارڙي جي پاڙي  ۾ رهي ٿو. پوليس موجب جوابدار بلال کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ تصوير ڏيکارڻ تي متاثر ٻارڙي کيس سڃاڻپ ڪئي، جڏهن ته جوابدار جاچ دوران ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو