مولوي مڙس پاران گهر ۾ تالو هڻي زال قيد، چري آهي

دادو(ن سنڌيار )محمد شاھ ڪالوني ۾ مبينا مولوي مڙس زال کي گهر اندر قيد ڪري ڇڏيو قيد ٿيل ناري رڪيا پوليس کي موبائيل ڪال ذريعي اطلاع ڪيو ته هو هڪ هفتي کان گهر اندر قيد آهي، سندس مولوي مڙس حافظ غلام شبير خشڪ گهر کي ٻاهران تالو هڻي ويو آهي، اهڙي اطلاع تي اي سيڪشن ايس ايڇ او اڪبر کوسو پوليس ساڻ ڪري پهتو گهر کي تالو لڳل هجڻ ڪري پوليس تالو ٽوڙي گهر اندر داخل ٿي ناري رڪيا کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، ان موقعي تي علائقي واسين پوليس کي ٻڌايو ته ناري جو ذهني توازن درست نه آهي جنهن جي ڪري مولوي مڙس گهر ٻاهران تالو هنيو آهي، ياد رهي ته 2 مهينا اڳ ساڳئي ناري دادو پريس ڪلب پهچي مڙس خلاف دانهيو هو ۽ پاڻ مارڻ جو چتاءُ ڏنو هو جنهن جو ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ نوٽيس ورتو هو اي سيڪشن پوليس ناري جي مڙس مولوي غلام شبير خشڪ کي گهرائي کائنس لکرائي ورتو هو ته زال رڪيا تي تشدد نه ڪندو ۽ کيس گهر ۾ قيد نه ڪندو، اهڙي لکت بعد ناري کي مڙس حوالي ڪيو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو