مولانا ۽ زرداري ۾ صوبائي خودمختاري جي دفاع تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) اڳواڻ مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات پوڻا ٻه ڪلاڪ تائين جاري رهي. جنهن بابت بظاهر ته چيو پيو وڃي ته مولانا، آصف علي زرداري جي خير خيريت پڇي پر ان موقعي تي ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان وقت پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جا اڳواڻ به بلاول هائوس ۾ موجود هئا پر اصل بند ڪمري واري ملاقات ۾ صرف مولانا، بلاول ۽ زرداري هئا. ذريعن موجب جي يو آءِ جي لانگ مارچ وقت پيپلز پارٽي جي ڪردار بابت مولنا کيس ڏوراپا به ڏنا. ملاقات ۾ پ پ ۽ جي يو آءِ پاران ملڪي حالتن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گڏيل سياسي جدوجهد بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٽنهي اڳواڻن 18 هين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ تي پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو ته صوبائي خودمختاري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته هن پهريان ئي چيو هو ته عمران خان حڪومت هلائڻ جو اهل ناهي، گذريل سال ماڪڙ جي حملن بابت پارليامينٽ ۾ حڪومت کي آگاهه ڪيو هو. آصف زرداري چيو ته حڪومت پنهنجي ضد ۽ انا جي ڪري ماڪڙ حملن بابت سندس خدشن کي سنجيده نه ورتو. ڪورونا وائرس جي بحران واري ڏينهن ۾ عمران خان جا نااهلي سامهون اچي وئي آهي. هن چيو ته عوام اميدن جي نظرن سان اپوزيشن جماعتن ڏانهن ڏسي رهيا آهن ته اهي سليڪٽيڊ حڪومت مان سندن جان ڇڏائين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ٻه سال ٿي ويا آهن عمران خان عوام جي مفاد لاءِ ڪوبه ڪم ناهي ڪيو. جي يو آءِ اڳواڻ جو چوڻ هوته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. آصف علي زرداري مولانا کي چيو ته هو ميان نواز شريف سان پاڻ رابطو ڪري صلاح مشورا ڪري. بلاول ڀٽو ڪجهه ڏينهن اڳ آفتاب شيرپائو، اختر مينگل، حاصل بزنجو ۽ ٻين اڳواڻن سان ڪيل رابطن بابت ٻڌايو ته سڀ تنگ ويٺا آهن ۽ هو به گڏيل سياسي لاءِ عمل لاءِ تيار آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ اپوزيشن جو گرينڊ الائنس جوڙڻ ۽ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ بابت مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو