مولانا پاران حڪومت خلاف تحريڪ جي ٻئي مرحلي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پرويز الاهي تي زور ڀريو آهي ته هاڻي اهو راز قوم کي ٻڌائي ڇڏي جنهن کي هو امانت چوندو رهيو آهي. اهڙو اظهار هن مولانا ساجد مير سان ملاقات ۾ اپوزيشن جي تحريڪ جي ٻئي مرحلي جي تياري بابت مشورت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وري پاڻ ئي صحافين جي اسرار تي راز بابت ٻڌائيندي چيو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ اسان سان واعدو ڪيو ويو هو ته 3 مهينن ۾ وزيراعظم استعيفيٰ ڏيندو ۽ نيون چونڊون ڪرائي نمائنده حڪومت قائم ڪئي ويندي. هن چيو ته اپوزيشن جي وڏين جماعتن جي ڪجهه پاليسين سبب مخالف ڌر ورهائجي وئي جنهن جو حڪومت کي فائدو ٿيو پر اسين سڀني کي گڏ ڪنداسين. هن ٻڌايو ته سندن تحريڪ جي ٻئي مرحلي جي سلسلي ۾ 23 فيبروري تي ڪراچي ۾ وڏو جلسو ٿيندو، پهرين مارچ تي اسلام آباد ۾ ڪنوينشن ٿيندو ۽ 19 مارچ تي لاهور ۾ آزادي مارچ ٿيندو. هن عوام، تاجرن ۽ اپوزيشن جي جماعتن کي حڪومت خلاف ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته مهانگائي ۽ حڪومت جي نااهلي سبب عوام پريشان آهي ۽ کين وڌيڪ دير برداشت نه ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ بابت عدليه ۽ پارليمان ۾ صورتحال مختلف آهي. آصف علي زرداري ۽ نواز شريف سان آرمي چيف جي بل بعد ڪو رابطو ناهي ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن ٻنهي وڏين جماعتن رابطو ڪيو ته ڳالهيون ڪنداسين، سياست ۾ ڳالهين جو در بند ناهي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو