مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو سربراهه مقرر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ورچوئل سڏايل سربراهي اجلاس ۾ متفقه طور مولانا فضل الرحمان کي سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. پي دي ايم جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميان نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ تي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪوئٽا جي جلسي کي ڀرپور نموني ڪامياب ڪرڻ لاءِ سڀ جماعتون گڏجي ڪوشش ڪنديون ۽ اعلانيل شيڊول موجب سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع ڪيو ويندو.

Photo JUI

اجلاس ۾ حڪومت پاران نواز شريف جي تقريرن تي پابندي جي مذمت ڪندي چيو ويو ته اها اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي آهي جيڪا قبول نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اختر مينگل، راجه پرويز اشرف، شيري رحمان، احسن اقبال، مولانا اويس نوراني، امير حيدر هوتي، آفتاب شيرپائو، هاشم بابر، ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ٻين عهدن جو فيصلو اسٽيئرنگ ڪميٽي ۾ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو