مولانا جي آصف زرادري سان ملاقات عيادت ۽ دعا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهتل مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان هڪ نجي اسپتال ۾ ون ٽو ون ملاقات ڪئي. مولانا فضل الرحمان ڪلفٽن جي نجي اسپتال پهچي آصف زرداري جي عيدت ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ آصف زرداري وچ ۾ حڪومت مخالف تحريڪ سوڌو ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان اهم شخصيت پاران موڪليل پيغام بابت پڇو ته زرداري کيس چيو ته اهي افواهه آهن اپوزيشن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو