موسمياتي تبديليون ڌرتي ۽ انسانن لاءِ خطري جي گهنٽي آهن، يو اين

ڪراچي (رپورٽ اياز  مهر) دنيا ۾ تيزي سان مٽجندڙ موسمياتي تبديلين ۾ انسان ذات جو وڏو ڪردار آهي.ڌرتي جي گولي تي گرمي جي پد ۾ اضافي، خشڪين ۽ ٻوڏ سبب انساني اهنجن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جيڪڏهن دنيا هنگامي طور اپاءَ نه ورتا گرمي اڃا وڌي ويندي. دنيا ۾ گرمي جو پد وڌڻ سبب هڪ پاسي انساني برداشت کا ٻاهر ٿيندي ويندي ۽ مختلف بيماريون ڦهلبيون ۽ ٻيلن ۾ ٻاهه جا واقعا به ڏينهون ڏينهن وڌندا ويندا. اهڙو اظهار دنيا ۾ موسمياتي تبديلين بابت سائنسدانن جي مدد سان تيار ڪيل گڏيل قومن جي بين الحڪومتي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته ’هي رپورٽ انسانن لاءِ ڪوڊ ريڊ آهي‘ يعني خطري جي گهنٽي آهي.

Photo Courtesy BBC

42 صفحن تي مشتمل هن رپورٽ جو نچوڙ هڪ سمري جي صورت ۾ دنيا جي سڀني حڪومتن کي موڪليو ويو آهي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي خارج ٿيڻ تي ڪنٽرول لاءِ فوري اپائن لاءِ زور ڀريو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سان گڏ ٻئي نمبر تي ماحولياتي تبديلين جو سبب ميٿين گيس جو خارج ٿيڻ آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ميٿين گيس پاڻي هيٺان سڙندڙ گاهه، ءاڄين، چانورن جي فصل، سمنڊ، چوپائي مال، رڍن، ٻڪرين، اٺن ۽ هرڻن وغيره مان ڦهلجي ٿي. 2013 بعد جاري ٿيل هي اسٽڊر رپورٽ هڪ وڏي ۽ جامع رپورٽ آهي. جيڪا گلاسگو ۾ ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين واري عالمي ڪانفرنس کان 3 مهينا اڳ جاري ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1850 کان 1900 تائين 50 سالن ۾ ايتري گرمائش نه وڌي هئي جيتري 2011 کان 2020 تائين وڌي آهي. گذريل پنج سال پوئين صدي ۾ رڪارڊ ڪيل گرمي کان وڌيڪ گرم هئا. گليشيئر تيزي سان پگهرجي رهيا آهن جنهن سبب 1901 کان 1971 ۾ سمنڊن ۾ پاڻي جو چاڙه ايترو ناهي وڌيو جيترو هاڻي وڌيو آهي ۽ جيڪڏهن صورتحال تي ضابطو نه آيو ته سمنڊ ۾ پاڻي جو چاڙهه 2 ميٽر وڌي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا م صنعتي انقلاب کان اڳ گرمي جو پد 1.1سيڪڙو هو جيڪو 2040 تائين 1.5 سيڪڙو ٿي سگهي ٿو ۽ اسانکي هر ممڪن ڪوشش ڪري اهو پد ڏيڍ سيڪڙو کان گهٽ رکڻو آهي.

Photo Courtesy BBC

دنيا ۾ انسان ساليانو 40 ارب ٽن ڪاربان خارج ڪن ٿا جنهن کي جذب ڪرڻ جو وڏو وسيلو وڻ ۽ سمنڊ آهن. جيڪڏهن ڪاربان ۽ يٿين گيسن جي ڦهلاءَ کي نه روڪيو ويو ته تيز ترين سامونڊي طوفان، ٻوڏون اينديون جيڪي دنيا جو نقشو ئي بدلائي ڇڏينديون. ڪيترا ءيٽ سمنڊ هيٺ اچي ويندا.پهاڙن تي لينڊ سلائيڊنگ سبب به وڏيون تبديليون اينديون، انفرااسٽرڪچر تباهه ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو