مورو ۾ ڊائريا سبب ڀاءُ ڀيڻ فوت، والد جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

مورو(ن س) ڳوٺ وارياسو جي رھواسي جھنڊو خان ملاح جا ٻہ ٻارڙا ٻن سالن جي نياڻي اسما ۽ پنجن سالن جو پٽ عبدالمجيد ملاح دست ۽ الٽي جي بيماري سبب فو ٿي ويا آهن. وارثن ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هڻدي چيو آهي ته بروقت علاج ٿيڻ سبب ٻارڙا بچي وڃن ها. فوتي ٻارڙن جي والد جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ٻارڙن کي گذريل ڏينھن دست ۽ الٽيون پئي آيا ته کين تعلقي اسپتال مورو آندو. جتي صحيح نموني سان طبي امداد نه ڏني وئي ۽ اسان کي نوابشاھ ڏانھن موڪليو ويو ۽ نوابشاھ ويندي رستي ۾ اوچتو ٻئي ٻارڙا فوت ٿي ويا ٻنھي ڀاء ڀيڻ جي فوت ٿيڻ سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. ٻئي طرف معلوم ٿيو آھي تہ ڄاڻايل علائقي ۾ جر جو پاڻي خراب ٿي ويو آھي جيڪو واپرائڻ سبب ڊائريا جي بيماري ڦھلجي رھي آھي. علائقي واسين مطالبو ڪيو آھي تہ ڳوٺ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ فلٽرپلانٽ لڳائي ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو