مودي مرده باد، ڪشميري ۽ پاڪ فوج زنده آباد، جلسا جلوس

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ۽ ڀارتي ظلمن خلاف احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ڀارت جا جهنڊا ساڙيا ويا، مودي ۽ انڊيا خلاف نعربازي ڪئي ۽ عوام پاڪ فوج سان گڏ هئن جو اعلان ڪندي پاڪ فوج  زنده آباد جا نعرا به هنيا. سکر مان امداد ڪلوڙ موجب جي يو آءِ ڪشميرين جي حمايت ۾ ڀارت خلاف منزل گاھ کان پريس ڪلب سکر تاءين ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ ڪيترائي طلب ۽ علماء شامل ھءا جن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر ھئا.

جن تي ڪشمير جي آزادي ۽ ڀارت جي مودي خلاف نعرا درج ٿيل ھئا ريلي جي اڳواڻي مولانا  عبيد الله  ڀٽو محمد اعظم مھر مولانا عبدالحق مھر ۽ ٻيا شامل ھئا ان موقعي تي ھنن ريلي کي خطاب ڪندي چيوت مودي جي حڪومت ڪشميري مسلمانن تي ظلم ڪري رھي آھي. ***ٽنڊومحمدخان مان لعل بخش سٺيو موجب آل سنڌ ريوينيو ايسو سيئشن ضلع ٽنڊو محمدخان طرفان ڪشمير بنيگا پاڪستان عنوان ھيٺ سيمينار منقعد ڪيو ويو. ان موقعي تي مقررين پاڪ فوج آء ايس آء حڪومت پاڪستان سان هرمحاذ تي ڪلهو ڪلهي سان ملهائي گڏ ھجڻ جو وچن ورجايو ۽ انڊيا جي وزير اعظم کي خبردار ڪيو ته اسان پرامن قوم آھيون.

جيڪڏھن اسان مٿان جنگ مڙھيندي ته نقصان تنهنجو ٿيندو. تقريب ۾ ايم پي اي سيد اعجازشاه بخاري سٽيزن فورم جي اڳواڻ عبدالڪريم شيخ, اسسٽنٽ ڪمشنر بلڙي شاھ ڪريم عبدالغفار شيخ,  مختيارڪار زوهيب ميمڻ, ايس ايڇ او سٽي ذوالقرنين شيخ,قاضي توقير ميمڻ, پير فيصل جان, ڊاڪٽر جي ايم گل ۽ ٻيا به ان موقعي تي موجود هئا. ***رتوديرو مان عطاءاللہ بروھی موجب سني رابطا ڪائونسل پاران ريلي ڪڍي وئي، ڀارت خلاف نعري بازي، ڀارتي جهنڊي کي باھ ڏئي ساڙيو ويو. ريلي جي اڳواڻي صوبائي رھنما مولانا عبدالجبار حيدري، ضلعي اڳواڻ مولانا صديق جان حيدري، حافظ عبدالغفار فاروقي، مولانا رحمت الله فاروقي، نادر حسين صديقي، مجاھد بروھي، عمران علي ابڙو، عبدالباسط بروھي، علي سيال، ياسين سومرو ۽ ٻين ڪئي. ريلي ۾ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جنيواڪنويشن جي خلاف ورزي ڪندي ڀارت زوري قبضو ڪري ڪشميرين تي طلم ٿو ڪري. ***مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب ڳوٺ بٺو ۾ يوسي لاکا انتظاميا طرفان يوم آزادي  پاڪستان ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ويو تقريب ۾ يوسي چئرمين لاکا اڪرم لاکو حافظ حسين بخش لاکو حاجي بقا لاکو حاجي چاڪراڻي ابراهيم ملاح احسان لاکو نواب گراڻو  سميت شھرين ۽ اسڪولي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.*** اسلام ڪوٽ مان صادق  بجير موجب ”ڪشمير بني گا پاڪستان“جي نعرن جي گونج ۾ اسلام ڪوٽ جي هائيرسيڪنڊري اسڪول جي استادن ۽ سوين شاگردن ريلي ڪڍي پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو، پرنسيپال ڪستور چند،منگل سنگھ،سيد ڏنل شاھ راز،لياقت علي بجير،عبدالرحيم بجير،ساگر مکي،گل محمدبجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ۽ ڀارت خلاف ريلي ڪڍي. ***ٺل مان عبدالنبي شيخ  موجب باهو کوسو ۾ ڀارت پاران ڪشميرين سان جاري جارحيت ۽ مظلوم ڪشميرين مٿان ظلم خلاف ريلي ڪڍي جلسو ڪيو ويو، باهو کوسو ۾ شهري اتحاد ، هاء اسڪول۽ پرائمري اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران ڪشمير ۾ جاري جارحيت خلاف هاء اسڪول کان مير سليم خان  کوسو ، قاري محمد عيسا  کوسو ، ڊاڪٽر فورم جي ڊاڪٽر ساماڻو سهرياڻي، تبسم کوسو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. **** ڪشمور مان اصغر علي چانڊيو موجب مدينه مسجد کان مختلف تنظيمن طرفان نڪتل  ريلي مسلم بازار، واحدو چوڪ ،انڊس هاءِ وي کان ٿيندي ڪشمور پريس ڪلب پھتي جتي حافظ گلزار احمد چاچڙ، شھري ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين غلام رباني منگي، بقا محمد کوسو، قومي امن ڪائونسل ايم پاڪستان اڳواڻ محمد عامر ڪلوڙ، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڀارت لکين ڪشميرين کي زبردستي يرغمال بڻايو آهي.**** چوھڙجمالي مان ناشاد ملاح موجب پاڪستان سني تحريڪ يونٽ چوھڙجمالي پاران مولوي منظور قادري , محمد صديق ميمڻ , راشد ميمڻ , فيروز ميمڻ ۽ فيضان علي جي اڳواڻي ۾  ڪشميرين سان اظھار يڪجھتي طور ۽ ڪشمير اسان جو آھي تحت جمع نماز بعد المدينه مسجد  کان مدني چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي.

اڳواڻن چيو ته پاڪستان سني تحريڪ فوج پاڪستان سان گڏ آھي ڀارت ظلم بند ڪري اقوام متحده کي فوري نوٽس وٺي ۽ ڪشميرين کي پنھنجي آزادي ڏني وڃي.*** ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ پاران ڪشميري عوام سان اظھاريڪجھتي ۽پاڪ فوج جي حمائت ۾  پريس ڪلب صدرمسعودعالم سومرو۽يونين جي ضلعي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان گھنٽاگھر تائين ريلي ڪڊي وئي.پريس ڪلب جي سڏتي ڪشمور.گڊو.بخشاپور.بڊاڻي.تنگواڻي.ڪرمپور۽غوثپورمان صحافين جاپڻ قافلا شريڪ ٿيا.يڪجھتي ريلي ۾ امن ڪاميٽي.جي.يو.آئي.شھري اتحاد.۽ھندو پنجائت سميت ھزارين شھرين پڻ شرڪت ڪري ڪشميرين سان يڪجھتي جو مظاھروڪندي پاڪ فوج زنده آباد۽ڪشميربنيگا پاڪستان جا نعراھنياويا.*** اوٻاوڙو مان غلام علي رند موجب شهر ۾ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان ڪشمير جي حق ۾ ريلي ڪشمير انشاءالله هڪ ڏينهن آزاد ٿي پاڪستان جو حصو ٿيندو ۽ اسان ھر محاذ تي ڪشمير سان گڏ آھيون.

پهنجو تبصرو موڪليو