موجوده حڪومت جي پرڏيهي قرضن ۾ حد کان وڌيڪ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت گذريل مالي سال 21-2020 دوران ملڪي ادارن ۽ ڪمرشل بئنڪن سان 15.32 ارب ڊالرن جا نوان پرڏيهي قرض معاهدا ڪيا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10.45 ارب ڊالر يا 47 سيڪڙو وڌيڪ آهن.اقتصادي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل ”نيشنل اڪنامڪ ايڊ 21-2020 جي سالياني رپورٽ“ موجب، موجوده حڪومت پنهنجي حڪمرانيءَ جي پهرين ٽن سالن ۾ تقريبن 34.17 بلين ڊالر خرچ ڪيا آهن، انهن اضافي قرضن جي معاهدن سان، مجموعي طور پرڏيهي قرضن وارن معاهدي جي ٽن سالن دوران قرضن جي واپسي ۾ 35.1 بلين ڊالر جو اضافو ٿيو. انگن اکرن موجب پاڪستان مالي سال 2018-19 ۾ 8.41 بلين ڊالرن جا معاهدا ڪيا، جنهن کانپوءِ 20-2019 ۾ 10.45 بلين ڊالر (24 سيڪڙو اضافو) ۽ 20-2020 ۾ 15.32 بلين ڊالر (47 سيڪڙو اضافو) ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو