دڙو (شوڪت ميمڻ وٽان) موالي موري اسٽاپ پوليس چيڪ پوسٽ ڀرسان ڳوٺ رمضان مگسي جي رھندڙ 23 سالن جي نوجوان ارشاد ولد الھبچايو مگسي مٿان سندس جگري دوست جوابدار اياز ولد نورالدين مگسي پسٽل جا ٻه فائر ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد موقعي تان فرار ٿي ويو. واقعي جي فورن بعد مقتول جي وارثن موالي موري تي پھچي لاش کي پوسٽ مورٽم لاء دڙو رورل ھيلٿ سينٽر پھچايو. جتي آخري اطلاع تائين ٻنون پوليس نه پھتي. جڏھن ته واقعي جي ڪارڻ بابت معلوم ٿيو آھي. ته مقتول ۽ جوبدار ويجھا جگري دوست ھئا. ڪنھن ڳجھي ڳالھ تان جوابدار اياز مگسي گوليون ھڻي کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آھي. ان موقعي تي دڙو اسپتال ۾ مقتول نوجوان جي ڀاء شريف مگسي، سوٽ عبدالستار مگسي ۽ ٻين وارثن ٻنون پوليس تي نااھلي جو الزام ھڻندي سخت احتجاج ڪندي چيو ته نوجوان جو قتل موالي موري پوليس چيڪ پوسٽ ڀرسان ٿيو پر ڪنھن به پوليس اھلڪار جوابدار سان مزاحمت نه ڪئي. ايتري قدر مقتول جي لاش کي به اسان وارث اسپتال کڻائي آيا آھيون. ھنن چيو ته ظالم جوابدار اسان سان وڏو قھر ڪري نوجوان کي سري عام قتل ڪيو آھي. جوابدار کي فورن قانون جي ڪٽھري ۾ آندو وڃي. ھوڏانھن ٻنون پوليس اڃا تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو آھي ۽ نه ئي جوابدار کي سوگھو ڪري سگھي آھي.
ٽيڪس وصولي ۾ ناڪامي، وڏي وزير جي سخت ڪاوڙ
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا