مهڪ ڪماري ڪيس، امروٽي تي ڪيس داخل، ضمانت منظور

جيڪب آباد(عبدالنبي شيخ) عدالت پاران مذهب مٽائي شادي ڪندڙ مهڪ ڪماري جي شادي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ بعد سول لائن ٿاڻي تي اربع ڏينهن نڪاح پڙهائيندڙ  مولانا سراج احمد امروٽي، گهوٽ علي رضا سولنگي سميت 7 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ٻئي پاسي امروٽي ۽ سندس ساٿين سيشن ڪورٽ جيڪب آباد مان ضمانت قبل از گرفتاري ڪرائي ورتي آهي. اڱاري تي جيڪب آباد جي سيشن ڪورٽ جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي قناصرو جي عدالت مهڪ ڪماري جي عمر 18 سالن کان گهٽ هئڻ سبب مذهب مٽائي گهر جي نوڪر علي رضا سولنگي سان ڪيل شادي کي غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪيو هو. عدالت مهڪ ڪماري جنهن مسلمان ٿيڻ بعد پنهنجو نالو عليزا رکيو هو تنهن کي ڪراچي جي چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت پوليس کي غيرقانوني نڪاح ۽ سادي جي جاچ جو به حڪم ڏنو هو جنهن تي پوليس ڪيس داخل ڪيو. عدالت وومين ڊولپمينٽ اٿارٽي سنڌ جي سيڪريٽري کي مهڪ کي ترسائڻ جا انتظام ڪرڻ ۽ روزاني بُنيادن تي سندس سار لهڻ جي به هدايت ڪئي هئي. عدالت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي نائين درجي جي شاگردياڻي مهڪ ڪماري جو نڪاح ڪرڻ واري معاملي جي جاچ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو  ويو هو ۽ چيو ويو هو ته جيڪڏهن ڇوڪري بالغ نه آهي ته ساڻس پسند جي شادي ڪندڙ علي رضا سولنگي ۽ سهولتڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. فيصلو ٻڌائڻ وقت نينگري مهڪ ڪماري دارالامان اختيارين جي حراست ۾ ويٺل رهي، جڏهن ته مهڪ ۽ نوجوان علي رضا سولنگيءَ جا وڪيل عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا. عدالتي فيصلي کانپوءِ نينگري مهڪ ڪماري کي سخت سيڪيورٽي ۾ دارالامان اُماڻيو ويو هو. جنهن بعد اربع تي سول لائن ٿاڻي تي نڪاح پڙھائيندڙ درگاه امروٽ شريف جي گادي نشين سيد سراج احمد شاه عليزه (مهڪ) جي مڙس علي رضا سولنگي ، عبدالنبي ڪلوڙ، محمد سومر امروٽي ۽ لعل محمد پهوڙ سميت ستن ڄڻن تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. هوڏانهن جمعيت علماء اسلام جيڪب آباد جي اڳواڻ مولانا عبدالجبار رند ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسين ڪنھن به ايف آئي آر کان نه ٿا ڊڄون. ھر مسئلي کي مڙسي سان منهن ڏينداسون. ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون. سيد سراج احمد شاھ امروٽي ۽ ٻين جي ضمانت ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته  سيڪنڊ ايديشنل سيشن جج جي فيصلي ۽ ايف آءِ آر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته نو مسلم عليزا جج وٽ 164 جو اقراري بيان ڏنو آهي ته آءُ اسلام کان متاثر ٿي پنهنجي رضا خوشيءَ سان شريعت محمدي موجب مسلمان ٿي علي رضا سولنگي سان شادي ڪئي آهي ۽ وضاحت سان چيو آهي ته مان عاقل بالغ آھيان ۽ منهنجي عمر 18 سال آهي. اسين قانون کان مٿانهون ڪوبه قدم نه کڻنداسين، قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو ۽ ھر قسم جي احتجاج جو قانوني حق محفوظ رکون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو