مهيني جي دوري بعد بلاول ڀٽو اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي مهيني جي دوري بعد واپس اسلام آباد پهچي ويو آهي. 21 آڪٽوبر کان 20 نومبر تائين هن گلگت جي ٽنهي ڊويزنن جي 10 ضلعن جو تفصيلي زميني دورو ڪيو ۽ گلگت بلتستان اسمبلي جي چونڊ مهم دوران 40 کان مٿي ڪارنر گڏجاڻين ۽ جلسن کي خطاب ڪيو. بلاول جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان جي چونڊ شفاف ناهي ٿي، ڌانڌلي ڪري پيپلز پارٽي جون 3 کٽيل سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏنيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو