مهيني اندر 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪريو، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار کي 120 نيون احتساب عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏيندي فوري عدالتون قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ طرفان قانون واري وزارت ۾ مستقل سيڪريٽري مقرر نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ايڊهاڪ اِزم نه هلندو، ٻڌايو وڃي ته قانون واري وزارت ۾ مستقل سيڪريٽري ڇو نه آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته موجوده احتساب عدالتن کي فعال ڪرڻ بعد نين عدالتن جي قيام وارو پلان وزيراعظم ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آهي، عدالت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو