مهينو اڳ اغوا ٿيل مزدور بازياب، هڪ فوت، ايس ايس پي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)پوليس هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل مغوي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي خيرپور امير مسعود مگسي ميڊيا کي ٻڌايو ته خيرپور ۽ غوثپور پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران هڪ مهينو اڳ کجين جي مزدوري ڪندڙ پورهيت خيرپور مان ڪشمور دعوت تي ويندي اغوا ٿي ويا هئا. جن ۾ ٺيڙهي جا رهواسي ميرڻ عرف امير بخش، زاهد، غلام قادر چنو، 6 ورهين جو نينگر شهاب الدين پلهه  ساجد پلهه ۽  ڊرائيور اشرف سولنگي شامل هئا. هن ٻڌايو ته ڪنڌ ڪوٽ ضلعي جي ناپرڪوٽ  ٿاڻي جي حد مان پوليس مقابلي بعد مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي جڏهن ته مغوين کي آزاد ڪرائڻ بعد کين خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته آزاد ڪرايل مغوي 22 سالا ساجد پلهه کي سکر ڀرسان اوچتو دل جو دورو پيو جنهن سبب کيس اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر پھچايو ويو جتي هو فوت ٿي ويو. مغوين کي خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي ۽ فوتي جو لاش خيرپور سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو