مهوش حيات محترمه بينظير ڀٽو جي روپ ۾ جلد نظر ايندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ناليواري ايوارڊ يافته اداڪارا مهوش حيات شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي بابت ٺهندڙ فلم ۾ سندس ڪرادار ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيو نيوز موجب هن چيو ته في الحال اسڪرپٽ تي ڪم هلي پيو ۽ جلد پروڊڪشن تي ڪم شروع ٿيندو. هن چيو ته مان وڌيڪ ڪجهه تفصيل نٿي ٻڌائي سگهان ڇو ته مون نان ڊسڪلوير معاهدو ڪيو آهي. ياد رهي ته ڪافي عرصي کان هن فلم تي ڪم هلي رهيو آهي. اندين پروڊيوسرز به فلم ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي پر کين اجازت نه ڏني وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو