مهر جي مهم،بلاول جي هدايت تي ناصر شاهه جي استعيفيٰ قبول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزيرسيد ناصر شاهه وزارتن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي قيادت جي هدايت تي صوبائي وزير ناصر شاهه استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ هو چئني کاتن تان هٿ کڻي ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هن جي استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏي آهي.

ناصر شاهه وٽ آبپاشي کاتو، ورڪس اينڊ سروسز، معدنيات ۽ ٻيلي کاتي جا قلمدان هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناصر شاهه کي اين اي 205 گهوٽڪي تي پ پ اُميدوار محمد بخش مهر جي حمايت ۾ چونڊ مهم هلائڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. وزارت تان استعيفي ڏيڻ کانپوءِ ناصر شاهه گهوٽڪي ۾ پ پ اُميدوار جي حمايت ۾ چونڊ مهم هلائيندو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ سنڌ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ ۽ نمبر گيم پوري هئڻ جي دعويدارآهي. اهو سوال به اهم آهي ته گهوٽڪي ۾ ناصر شاهه جي ڪا برادري يا خاص اثر رسوخ به ناهي. اهو ممڪن آهي ته علي گوهر خان جي مخالفت ۾ پي پي قيادت کيس لاهڻ چاهيندي هجي ۽ سندس لاءِ اهو ٽيسٽ ڪيس هجي، ڇو ته هو وزيراعليٰ جو اميدوار پڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو