مهرن جي پڳ جو مالڪ محمد بخش خان آهي، بابل ڀيو

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) اڳوڻي ايم پي اي، پ پ اڳواڻ بابل ڀيو کي شڪارپور جي سيشن عدالت جعلي ڊگري ڪيس ختم  ڪري چونڊ وڙھڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آھي،پ پ اڳواڻ بابل ڀيو کي ڪراچي جيل کان شڪارپور جي سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ آڏو جعلي ڊگري ڪيس ۾ پيش ڪيو ويو جتي سيشن عدالت جعلي ڊگري  تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي بابل ڀيو مٿان تاحيات نااهلي وارو ڪيس ختم ڪندي چونڊ وڙھڻ لاء اھل قرار ڏنو بابل ڀيو کي 2007 ۾ اليڪشن ڪميشن جي رٽرننگ آفيسر پاران جعلي ڊگري ڄاڻائي نا اھل قرار ڏنو ويو ھو جنھن کي بابل ڀيو پاران شڪارپور جي عدالت ۽ سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو ھو جنھن تحت گذريل مھيني بابل ڀيو کي ساڳئي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پڻ چونڊ وڙهڻ لاء اھل قرار ڏنو ھو عدالتن جي اھڙي فيصلي بعد شڪارپور جي پ پ ڪارڪنن۾ خوشي جي لھر ڇانيل آھي جڏھن ته پ پ اڳواڻ بابل ڀيو سيشن عدالت شڪارپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھو جعلي ڊگري ڪيس وانگر نيب پاران لڳايل  من گهڙت الزامن واري ڪيس مان به سرخرو ٿيندو. بابل ڀيو جو چوڻ ھو ته سپريم ڪورٽ ۽ ھاء ڪورٽ جي حڪم باوجود نيب ٽرائل ڪورٽ ڪيس نه ٿي ھلائي جيڪا قانون جي خلاف ورزي آھي ھن ٻڌايو ته ھو 25 مھينن کان جيل ۾ آھي پر نيب ڄاڻي واڻي ڪيس نه پئي ھلائي ته جينئن ھو وڌيڪ جيل ۾ رھي ۽ نيب جون ڪاروايون رڳو پ پ لاء آھن جنھن کي ھو ماضي جيئن منھن ڏيندا مھر سردارن ۾ اختلافن واري سوال تي بابل ڀيو چيو ته سردار غلام محمد خان مھر جي پڳ جو وارث ھن جو پٽ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو