مهانگي گيس خريدڻ سبب ٽن مهينن ۾ 83 ارب جو نقصان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واسري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٽن مهينن ۾ آر ايل اين جي، جي خريداري ۾ 83 ارب روپين جو قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته ان جو ڪير حساب وٺندو؟ ڪو به ادارو حڪومت جي احتساب لاءِ تيار ناهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جا 3 سال ٽن صدين برابر آهن. حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب سي اين جي سيڪٽر تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪيتريون ئي سي اين جي اسٽيشنز بند ٿيڻ سبب هزارين ماڻهو بي روزگار ٿي ويا آهن. مهانگي آر ايل اين جي خريڊڻ سبب بجلي به مهانگي ٿيندي ۽ عوام اڳ ۾ ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو