مهانگيون ڊيسڪ خريدڻ جو ٺيڪو رد ڪرڻ خلاف اسٽي جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسڪولن لاءِ مهانگي اگهن تي ڊيسڪ خريداري واري مامري ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊيسڪون تيار ڪرڻ لاءِ ٺيڪو حاصل ڪندڙ  ڪمپنين جي درخواست تي سنڌ سرڪار کي ڊيسڪن جي خريداري جو ٺيڪو  رد ڪرڻ کان روڪيندي اسٽي جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ س، نڌ سرڪار، سينٽرل پبلڪ ڪميٽي ۽ سيپرا کي نوٽيس جاري ڪندي 14 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ٺيڪو رد ڪرڻ خلاف 14 آڪٽوبر  تائين اسٽي جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت سنڌ سرڪار کي ايندڙ ٻڌڻي تائين ٺيڪو رد نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڊيسڪون تيار ڪرڻ جو ٺيڪو حاصل ڪندڙ 4 ڪمپنين پاران داخل ڪيل درخواستن تي ٻڌڻي دوران درخواستگذارن عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار گهٽ ٻولي تي اسڪول ڊيسڪ تيار ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو، ڪانٽريڪٽ موجب ڊيسڪن جي تياري جو ڪم تيزي سان جاري آهي، ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڪاٺ ۽ ٻيو سامان خريد ڪيو ويو، درخواستگذارن وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته هزارين ڊيسڪون تيار ڪري چڪا آهيون پر سنڌ سرڪار ڊيسڪ تياري جو ٺيڪو رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٺيڪو رد ٿيو ته ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو