منڍ جمڙائو وٽ حادثو گهر ڌڻي فوت 5 ٻارن سميت 7 زخمي

نواب شاھ (اي ڪي ڏاھري)منڍ جمڙائو روڊ تي ڪار جو ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري ڪار ڪنٽرول کان نڪرڻ کانپوءِ ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ شخص فوت ، ٻن عورتن ۽ 5 ٻارن سميت ست ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ماڻھن نوابشاھ جي پي ايم يو اسپتال آندو .حادثي ۾ فوت ٿيندڙ جي سڃاڻپ  36 سالا مڪيش ڪمار موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ زخمين ۾ سندس گھرواري لاجي بائي، ورشا بائي سندن ٻارڙا ڪرن ڪمار ، ڪشن چند ، موھيت ،ھنسيڪا ، ھرشل لوھاڻو  زخمي ٿي پيا جن کي پي ايم يو اسپتال نوابشاھ آندو ويو آهي جن جو علاج جاري آهي. فوتي ۽  زخمي شاھپور چاڪر جا رھواسي ٻڌايا پيا وڃن .ڪار کي حادثو تڏھن پيش آيو جڏھن لوھاڻا برادري جي فيملي چونڊڪو کان واپسي پنھنجي گھر اچي رهيا هئا. ٻئي پاسي اقليتي برادري جي اڳواڻ ڊاڪٽر راجڪمار واقعي جو اطلاع ملندي ئي ٽراما سينٽر پھچي زخمين جي فوري طور مدد ڪندي ايمرجنسي جي صورت ۾ علاج ڪرايو جڏھن. ته فوت ٿيندڙ جي وارثن سان پڻ ملي ڪري ھر طرح جي مدد جي خاطري ڪرائيندي لاش لاءِ ايمبولينس پڻ ڪرائي ڏني ۽ سمورن انتظامن جو پڻ جائزو ورتو .

پهنجو تبصرو موڪليو