مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز ۽ حمزه جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ) بينڪنگ ڪورٽ 25 ارب روپين جي مبينه مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ميان شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 30 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ان وقت دلچسپ صورتحال پيد ٿي جڏهن ايف آءِ اي  جي وڪيل عدلت جي دائري ڪار تي سوال اٿاريو.  وڪيل چيو ته هن معاملي ۾ ڪرپشن جا الزام آهن ۽ بينڪنگ ڪورٽ اهو ڪيس نٿي ٻڌي سگهي. عدالت دائرو ڪار بابت اعتراضن تي ٻڌڻي ايندڙ تاريخ تي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي عبوري ضمانت ۾ 30 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. ان کان اڳ عدالت کي ايف آءِ اي جي وڪيل ٻڌايو ته شهباز شريف کي سوالنامون موڪليو هو ان جا هن جواب ڏنا آهن جن جو جائزو وٺڻ بعد اڳڀرائي ٿيندي. شهباز شريف چيو ته هي عدالت ۾ معلومات پيش ڪرڻ کان اڳ ميڊيا کي رليز ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو