“منهنجي ٻارن جي پارت اٿو” زرداري جو پارٽي ورڪرز کي خطاب

نوابشاهه(ن س) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻن ۽ جيالن کي پنهنجي ٻارن بلاول، بختاور ۽ آصفه جي پارت ڪندي چيو آهي ته مونکي عوام کان پري رکڻ جي سازش ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪارڪن پرواهه نه ڪن آئون منهن ڏيڻ ڄاڻان ٿو، منهنجي ڪيسن ۾ ججن تي وڏو دٻاءُ آهي، مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ٻن ڏينهن کان حمزه شهباز جي گرفتاري جو ڊرامو ڪيو ويو آهي. زرداري هائوس نوابشاھه ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر چيو ته وفاقي حڪومت هڪ سازش تحت مونکي عوام کان پري رکڻ چاهي ٿي پر مان ڏڄڻ وارو ناهيان، ماضي ۾ به شهيد بينظير ۽ مونکي جيل ۾ رکيو ويوهو. هن چيو ته ملڪ جو وڏي ۾ وڏو چور عمران خان ۽ پي ٽي آءِ وارا آهن، جن شوڪت خانم اسپتال جي چندي ۽ خيراتي پيسن مان به چوري ڪئي. هن چيو ته 18 ترميم کي 8 مهينن جي بحث کانپوءِ سڀني پارليامينٽيرين منظور ڪيو، ان ڪري 18 ترميم کي ختم ڪرڻ نه ڏيندا سين. هن چيو ته عمران جي حڪومت ۾ ڊالر 155 رپين تائين پهتو آهي، جنهن سبب ملڪ تي 55 سيڪڙو قرض وڌي ويو آهي، آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن مان حڪومت خلاف مارچ شروع ڪندس ته سموريون پارٽيون مونسان گڏ هونديون، هن وقت مولانا فضل الرحمن، اسفند يار ولي ۽ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا ڪجهه ماڻهو ۽ فاٽا جا ميمبر گڏ آهن. هن چيو ته مونکي خبر آهي ته منهنجي ڪيسن ۾ ججن تي وڏو دٻاءُ آهي پر مان ڪيسن کي منهن ڏيڻ ڄاڻان ٿو ڇا ڪاڻ ته مون تي سمورا ڪيس هٿ ٺوڪيا آهن ۽ مان انهن مان قانوني طريقي سان بري ٿيندس. هن اعلان ڪيوته نوابشاهه واري تڪ تان ايندڙ عام چونڊون آصفه ڀٽو زرداري وڙهندي ۽ هتان جي عوام جي خدمت ڪندي. بظاهر سندس خطاب موڪلاڻي  وارو پئي لڳو ۽ جنهن نموني هن پارتون پئي ڪيون ان مان ته لڳو پئي ته هو ڊگهي عرصي لاءِ ٻاهر پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو