منفرد ادب جو خالق, ڊاڪٽر تنوير عباسي جي ورسي جي نسبت سان

ليکڪ گلشن سنڌو

سنڌ سراپا سونهن,سچ, سرت ۽ سون جهڙي جرڪندڙ ڌرتي آهي جتي ڪيتريون ئي عظيم شخصيتون جرڪندي, چمڪندي ڌرتي جا چارسُو روشني سان همڪنار ڪندي پنهنجو انمول ڪردار ارپي هن ڌرتي کي لامحدود صلاحيتن واري ڌرتي بنائي دنيا جي گولي تي اهميت ۽ خاصيت واري ڌرتي بنائين ٿيون انهن شخصيتن وٽ ڏات ,ڏانءُ هجڻ سان گڏ سندس شخصيت ۾ گڻن جو هڪ اپٽار نظر اچي ٿو جيڪو ڌرتيء تي ادب جي حيات لاء ڄڻ ته آب حيات جو ڏيک ڏيندي ڀاسي ٿو. سنڌي ادب هڪ مضبوط جاندار ادب آهي جيڪو نه صرف گهڻو لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو  بلڪه ساراهيو پڻ وڃي ٿو ڇو ته اسان وٽ شاه عبدالڪريم بلڙيء وارو به آهي ته شاه لطيف رح به آهي اسان وٽ سچل رح به آهي ته مرزا قليچ بيگ به آهي اسان وٽ انيڪ اديب شاعر آهن جن جي سڃاڻپ رڳو قلمڪار ناهي پر ڌرتي تي ٿيندڙ ظلمن تي سندن دل جي ڌرتي ڌُٻي  وڃي ٿي اها ديس جي سڪ , ڇڪ سندن قلم ۾ وڌيڪ جان ۽ طاقت پيدا ڪندي سندن لکيل ادب کي جاندار بنائي ٿي اهڙن اديبن جي صفن ۾ صف اول جي حيثيت رکندڙ, اديب, شاعر, محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ اهم ۽ خاص نانءُ آهي تنوير عباسي جو اصل نالو نور نبي عباسي هو پاڻ 7 ڊسمبر 1934 تي سوڀو ديرو ۾ (بر ٽش انڊيا, آزاديء کان اڳ) پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو گل محمد عباسي هو پرائمريء جي تعليم, ميٽرڪ ڪراچي مان پاس ڪيائين انٽر سائنس ,ڊي جي گورنمينٽ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين لکڻ سان لڳاءُ کيس اسڪول جي دور کان هو سندس قلم تيز ترار هو جيڪو سچ جو ساٿاري هو ادبي سفر جي شروعات سورهن سالن جي عمر کان ڪيائين سندس پهريون شعر 1950 ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالي فنڪار ۾ ڇپيو سندس شاعريء جا روشن پهلو هئا جيڪي روشنين جو سفر ڪرائيندي ادبي افق کي تخليقن جي تارن سان چمڪائي ڇڏين ٿا شاعري جذبن جي ترجمان ۽ آسپاس جي مڙوئي موسمن جي عڪاس هوندي آهي تنوير عباسي ادب جو هڪ اهم ۽ خاص نانءُ آهي سندس انفرادي ادب کيس ٻين اديبن جي صف کان الڳ سڃاڻپ ڏيئي ٿو سنڌي ادب ۾ تنقيدي ,تعميري, تاريخي, تحقيقي ادب گهٽ لکيو وڃي ٿو جنهن ڪري انهيء ادب لکڻ وارن کي منفرد اديب چئي سگهجي ٿو  ڇوته انفراديت ئي ماڻهوء کي ٻين کان الڳ ڪري هڪ منفرد سڃاڻپ ڏيئي ٿي تنوير عباسي نه صرف پنهنجو خوبصورت ادب , ادبي دنيا کي ارپيو بلڪه پاڻ بهترين مترجم به هو ڪافي ڪتاب ترجمو ڪري ,ڪافي ڪتاب ترتيب ڏيئي مختلف ٻولين جو ادب اسان تائين پهچايو جنهن سبب اسان ٻين ملڪن جي ادب کان به واقف ٿياسين ڊاڪٽر تنوير عباسي جو لکيل ادب ادبي دنيا کي زندگي بخشي ٿو.

تنوير عباسيء جي شخصيت گهڻ رخي آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر هو اهو ئي سبب چئبو ته کيس انسانيت سان پيار, پاٻوه هئي انسان لاء ڄڻ ته مسيحا جو ڪردار هو, طبيعت ۾ ماٺيڻو  ٻاجهارو, شفيق هو هن جون ادبي خدمتون ته ساراه جوڳيون هيون پر سندس اخلاق به اُتم هو پختي ڪردار جو مالڪ تنوير عباسي سچ ته ادب جو قيمتي اثاثو هو. هن جون اڻ ڳڻيون ادبي خدمتون آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪافي عرصي تائين ادبي خدمتون انجام ڏيندو رهيو بطور ادب جي هڪ متحرڪ شخصيت ڪيترن ئي ادبي ۽ تعليمي ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون سنڌي لينگويج اٿارٽيء جي بورڊ آف گورنينس سان وابسته رهيو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو آخر تائين ميمبر رهيو , سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني, سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل , سنڌي لينگويج اٿارٽي جي انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ,سنڌي لينگويج اٿارٽي جي مالياتي, پبليڪيشن, تعليمي رٿا بندي , ۽ تحقيق ڪميٽيء جو ميمبر پڻ رهيو شاه لطيف ڪلچرل ڪاميٽيء جو ميمبر, سنڌي ادبي بورڊ سان پڻ لاڳاپيل رهيو شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو باني ڊائريڪٽر, ۽ ان کان علاوه سچل ميلا ڪميٽيء جون  ڪيترا ئي سال آرگنائيزر طور خدمتون انجام ڏنائين.

تنوير عباسيء جون تصنيفن ۾، رڳون ٿيون رُباب  شاعري، شعر ، جي ماريا نه موت ترجمو، ٻاراڻا ٻول چونڊ ۽ ترجمو، شاه لطيف رح جي شاعري تحقيق، سج تريء هيٺان شاعري، جديد سنڌي شاعري, چونڊ ۽ ترتيب ، نانڪ يوسف جو ڪلام ترتيب، خير محمد هيسباڻيء جو ڪلام چونڊ ۽ ترتيب، ڏوري ڏوري ڏيھ سفرنامو، شاه لطيف رح جي شاعري جلد ٻيو ، هيء ڌرتي شاعري، ترورا  مضمون, خاڪا, يادگيريون, سفر نامو ، تنوير چئي شعري ڪليات، شاه لطيف جي شاعري 3 جلد گڏ ، منهن تنين مشعل خاڪا، هن سُرت شاعري، مون کي اڳتي وڃڻو آهي سفرنامون، سڀني کان سهڻي ساڀيا تقريرون ليڪچر، سچل جو رسالو ترتيب اڻ ڇپيل شامل آهن.

تنوير عباسي ادب لکيو ۽ ڀرپور طريقي سان نڀايائين ان جي صلي ۾ کيس ڪيترا ئي ايوارڊ مليا جن ۾ صدارتي ايوارڊ براء  حسن ڪارڪردگي ۽ تمغه امتياز , نارائن شيام ايوارڊ سميت ڪيترا ئي ايوارڊ مليا جيڪي سندس ادبي خدمتن کي هڪ قسم جي ڀيٽا آهن. سنڌ جي اسڪالر, محقق, اديب, نقاد, مترجم ۽ انسانيت جي مسيحا ڊاڪٽر تنوير عباسيء 25 نومبر 1999 ۾  اسلام آباد ۾ وفات ڪئي سندس وصيت مطابق سندس لاش کي ميڊيڪل ڪاليج ۾ تجربي لاء پڻ رکيو ويو ۽ سندس ٻي وصيت مطابق سندس اکيون به هڪ نياڻي ۽ جوان کي ڏنيون ويون جيڪي اڄ به نور جي روشني سان منور مستقبل بنائي رهيا آهن تنوير عباسي رڳو سٺو اديب ئي نه هو پر انسانيت جو علمبردار سٺو انسان پڻ هو جيڪو گڻ سندس  سڀني گڻن جو مهندار گڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو