منظور ڪيل روڊ اسڪيم ۾ سياسي ڦير ڦار جو نوٽيس وٺو

نوشهرو فيروز  (رپورٽ اسد علي عمراڻي)وارڊ نمبر 4 جي ڪڪا سيد محلا جي تقريبن 30 سالن کان پوء روڊ جي آيل اسڪيم تي ڪامورا ۽ سياسي اڳواڻ ملي ڀڳت ڪري منظور ٿيل پاڙن بدران پنهنجي گهرن ڏانهن منتقل ڪئي پئي وڃي. رهواسين سيد ثناء الله شاه  سيد زاهد علي شاھ سيد يوسف شاه  سيد ذوالفقار حضور شاھ   عبدالغني انصاري  محمد يوسف شيخ نعمان رضا وسطڙو راشد علي قريشي محمد سليمان چنه منور علي راجپوت فيروز سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته سدائين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن اسانجي وارڊ کي اقليتي نگاهن سان ڏسندي سدائين ويساھ گهاتي ڪئي آھي ۽ تقريبن 30 سالن کان پوء اسانکي روڊ جي سهولت ملي آهي جنهنجي اسڪيم منظور ٿي آئي آهي جيڪا به سياست جي ور چڙهي وئي آهي جيڪا سياسي اثر استعمال ڪندي  ڪڪا سيد کان هيٺائين چوڪ طرف کڻائي پئي وڃي تقريبن 52 لک جي اسڪيم منظور ٿيل کان اسان سڀني برادرين کي محروم ڪيو پيو وڃي اسان جي ڊي سي کي اپيل آهي ته اسڪيم ۾ ڦير ڦار ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري منظور ٿيل اسڪيم تي عمل ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو