منشي واپاري جا 5 لک کڻي گم ٿي ويو، پوليس پاران ڳولا جاري

ورڪشاپ(ن س) ھيڊ جمڙائو جي واپاري جئي ڪمار جو منشي پون ڪمار ولد گرمکداس اڄ ڏينهن جو بئنڪ الحبیب مان ساڍا پنج لک روپيا ڪڍرائڻ بعد موٽر سائيڪل سميت گم ٿي ويو. جنهن جي ڪا خبر ناهي منشي ھيڊ جمڙائو ۾ زرعي دوائن جو ڪم ڪندو هو. منشي اصل ۾ ڪنڌرا جو رھواسي آهي ھتي پيڍي تي ڪم ڪندو هو، معلوم ڪرڻ تي سانگهڙ پوليس ٻڌايو ته واپاري جئي ڪمار ٿاڻي تي منشي جي گمشدگي جو اطلاع ڪيو آهي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو