منشيات ڪيس جوابدار آزاد، ناقص جاچ تي پوليس خلاف ڪاروائي

لاهور ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدار کي ناقص جاچ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي ضياءَ باجوه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ نديم اختر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت نديم اختر جي 8 سال قيد ۽ 70 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪري ڇڏيو. عدالت ناقص جاچ جي بنياد تي جوابدار جي آزادي تي ضلعي جي سمورن پوليس آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي ناقص جاچ ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڊپارٽمينٽل ۽ ڪرمنل ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جسٽس علي ضياءَ باجوه عدالتي فيصلو آءِ جي پنجاب ۽ ڊي جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس کي موڪلڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هر پوليس آفيسر ڇاپي يا گشت تي وڃڻ کان اڳ واپسي جو وقت رجسٽر نمبر 2 تي لکندو، ڪا به شئي هٿ اچڻ تي لاڳاپيل اسٽور ۾ جمع ڪرائي وڃي. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته منشيات جي برآمد، نمونن وٺڻ، فرانزڪ موڪلڻ ۽ ڪيس کي محفوظ رکڻ ۾ ملوث پوليس آفيسرن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته منشيات جي ڪيسن ۾ فرانزڪ نمونا موڪلڻ لاءِ رجسٽرڊ نمبر 21 مان روڊ سيفٽي سرٽيفڪيٽ کي به ڪيس جو حصو بڻايو وڃي ۽ واقعي جي رپورٽ ڪندڙ پوليس آفيسر کي به ڪيس ۾ شاهد بڻايو وڃي ته جيئن منشيات جي ڪيس ۾ شڪ کي ختم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو