منشيات جي روڪٿا لاءِ احتجاجي ڪيمپ قائم

گهارو  (رپورٽ بشام جوکيو) ضلعي جي مختلف شهرن گهارو ڌاٻيجي ساڪرو گجو ڪيٽي بندر سميت ننڍن توڙين وڏن شھرن ۾ منشيات جي وڪري ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي منشيات واپرائڻ سبب ننڍا توڙي وڏا وات جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا ان سلسلي ۾ گهارو شھر جي سياسي توڙين سماجي اڳواڻن غلام مصطفئ چانڊيو عمر ناهيو علي حسن ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي منشيات جي روڪ ٿام لاء احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي .جنهن ۾ اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٺٽي ضلعي جي انتظاميه منشيات جي وڪري کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي اهو سبب آھي جو روز به روز منشيات جي وڪري تيزي اچي رهي آھي جنهن سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آھي سري عام منشيات هلي رهي آھي پر انتظاميه مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آھي اسان اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته منشيات جي روڪ ٿام لاء ڪي جوڳا اپاء ورتا وڃن ته جئين هي نوجوان نسل نقصان کان بچي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو