منزل ان کي ملندي جيڪو محنت ۽ همت ڪندو آهي، اعواڻ

ميرپور خاص (سيد بشير شاهه) جنهن دور ۾ عورت جي آزادي تي بندش پيل هجي ۽ سندس آزادي جي ڳالهه ڪندڙن مٿان فتوائون جاري ڪيون وڃن، جنهن سماج ۾ نياڻن کي سڱ چٽي ڏيڻ ۽ ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم هيٺ قتل ڪيو وڃي، انهي مراداڻي معاشري ۾ نام نهاد مرد سڏائيندڙن کان به وڌيڪ همت واري نياڻي انبن جي شھر ميرپورخاص ۾ محمد صالح خان اعواڻ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ پوليس آفيسر خوشبخت اعواڻ آهي. ان جي باري ۾ سندس خاندان کان علاوه ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته هوءَ وڏي ٿي هڪ بهادر پوليس آفيسرياڻي بڻبي، ميرپورخاص شهر مان ابتدائي ۽ اعلي تعليم حاصل ڪندڙ نياڻي خوشبخت اعواڻ جي والد محمد صالح ۽ امڙ جي دلي خواهش ھئي ته سندس نياڻي وڏي ٿي آفيسرياڻي بڻجي، جڏهن ته خوشبخت اعواڻ جي پڻ ننڍي هوندي کان ئي خواهش هئي ته آئون پاڪ آرمي يا پوليس ۾ آفيسر ٿيان. سندس خواهش مسلسل محنت جي ڪري تڏهن پوري ٿي جڏهن هن پوليس کاتي ۾ پير پاتو جنهن بعد هو وڏو عرصو ميرپورخاص وومين ٿاڻي ۾ پوليس آفيسر طور پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏيندي رهي ۽ بعد ۾ ڪجهه عرصو امر ڪوٽ ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ پڻ وومين پوليس آفيسر رهي چڪي آهي. جنهن وقت ڪنهن کي محنت جو ڦل ملندو آهي ان وقت انسان جي خوشي جي انتها هوندي آهي. خوش بخت اعواڻ به ريگولر ٿاڻي  تي ايس سيڇ او مقرر ٿيڻ تي خوش آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پھريون ڀيرو امرڪوٽ ضلعي جي ٽالهي پوليس اسٽيشن تي ايس ايڇ او طور پوسٽنگ ٿي ھئي، ٽالهي پوليس اسٽيشن تي ايس ايڇ او جا فرائض سرانجام ڏيندڙ خوشبخت اعواڻ جو چوڻ آھي ته عورت هئڻ جي ناتي ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آھي کڻي ائين چئجي ته شيشن مٿان پيرين اگهاڙي پنڌ برابر سمجهان ٿي.

پوليس کاتي ۾ هر وقت مشڪلاتون ئي مشڪلاتون آھن پر انهن سمورن ڏکيائن باوجود ثابت قدم رهي عوام جي جان مال جي تحفظ لاء ڪوششون ڪندي رهي آهيان، هن چيو ته زمانو بدلجي چڪو آھي ھن وقت مرد ۽ عورت ٻئي گڏ هلي رهيا آھن پراڻو زمانو گذري ويو هن دور ۾ اهڙا ڪافي ڪم آھن جيڪي صرف هڪ عورت ئي ڪري سگهي ٿي پر مرد نٿا ڪري سگهن ڪوبه اهڙو ادارو ناهي جنهن ۾ عورت موجود نه هجي، منهنجي خيال ۾ هن دور ۾ عورت کانسواء هر ادارو نامڪمل آھي اڄ جنهن منزل تي موجود آھيان انهي ۾ وڏو هٿ منهنجي فيملي ۽ خاص ڪري منهجي مڙس محمد فاروق اعواڻ جو آھي جنهن وک وک تي منهجي حوصلا افزائي ڪئي. هن سنڌ ۾ وڏيرا شاهي نظام بابت سوال کي رد ڪندي چيو ته ڪوبه قانون کان مٿانهون ناھي ۽ مون هميشه  پنهنجي اخلاق ذريعي انتهائي وڏي چيلنج کي منهن ڏئي سنڌ جي پورهيتن مظلوم هارين ۽ مزدورن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ مدد ڪئي آهي جنهن تي هر علائقي جي معزز شخصيتن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي آهي، منهجي ڪوشش رهي آھي ته آئون پنهجي ڊيوٽي ايمانداري سان نڀائي امن امان قائم رکندي ماڻھن کي انصاف فراهم ڪري سگهان، هن چيو ته سنڌ جي نياڻن کي آئون پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته محنت ڪريو محنت ۾ ئي عظمت آھي، دنيا ۾ اعلي مقام تڏهن ملندو جڏهن اسان تعليم حاصل ڪنداسين ۽ تدريسي عمل جاري رکڻ لاءِ پنهنجي والدين جو اتساهه حاصل ڪرڻ لاء انهن جو ويساهه بحال رکو ۽ پنهجي پاڻکي ڪجهه بڻائي ڏيکارين ڇو ته منزلون انهن کي ئي ملنديون آهن جيڪي محنت ۽ همت ڪندا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو