مندر ۾ ڀڃ ڊاهه جو واقعو، چيف جسٽس پاران رپورٽ طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد رحيم يار خان ۾ شدت پسندن پاران مندر جي اندر ڪيل ڀڃ ڊاهه جو نوٽيس وٺندي ڪيس 6 آگسٽ تي ٻڌڻ جو فيصل ڪو آهي. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ، ميمبر قومي اسيمبلي ۽ پاڪستان ھندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ  ڊاڪٽر رميش ڪمار اسلام آباد ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد سان ملاقات ڪئي ۽ رحيم يار خان علائقي ڀونگ ۾ مندر ۾ ٿيل ڀڃ ڊاهه بابت گفتگو ڪئي. سپريم ڪورٽ موجب چيف جسٽس معاملي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن بعد ۾ اهو معاملو جمعي ، 6 آگسٽ 2021 تي اسلام آباد جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو. بيان موجب آءِ جي پنجاب پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کان واقعي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته ڊاڪٽر رميش ڪمار کي به ٻڌڻي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ 8 سالن جي عمر جو ميگهواڙ ڇوڪرو غلطي سان مسجد ۾ ويو ته مولوي کيس دڙڪا ڏنا ڀوَ ۾ سندس پيشاب نڪري ويو، مولوي توهين مذهن جو ڪيس داخل ڪرايو، پوليس ڇوڪرو گرفتار ڪيو ۽ عدالت سندس گهٽ عمر سبب ضمانت منظور ڪئي، جنهن تي مولوي اعلان ڪرائي نوجوانن کي اڪسايو ۽ مندر تي حملو ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو