ملڪ ۾ 255 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) 255 جان بچائيندڙ دوائن جون قيمتون وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيوآهي. هاءِ بلڊ پريشر، ڪينسر، دل جي بيمارين جي دوائن ۽ ڪتي جي چڪ پائڻ واري ويڪسين جون قيمتون وڌايون ويون آهن. 5 آڪٽوبر تي ڳجهه ڳوهه ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن هاڻي ليڪ ڪيو ويو آهي. دوائن جي قيمتن 22 کان 35 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. اهي قيمتون ايندڙ سال جي جون مهيني تائين برقرار رهنديون. دوائن جون قيمتون وڌائڻ جي منظوري وفاقي ڪابينا ڏني هئي جڏهن ته ان فيصلي تي عمل ڪندي ڊريپ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا گذريل مهيني سيپٽمبر تي 94 دوائن جي قيمتن ۾ 510 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني هئي جنهن جو نوٽيفڪيشن 17 سيپٽمبر تي جاري ڪيو ويو هو. هڪ مهيني اندر دوائن جي قيمت ۾ ٻيو ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو