ملڪ ۾ ڪوهيڙي سبب اڏامون معطل، ٽريفڪ جو نظام متاثر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب ۽ خيبرپختون خواهه جي مختلف علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب شهرين کي وڏيون مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ۽ ان سان گڏ آمد رفت جو نظام به تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. موٽروي تي لاهور کان حافظ آباد تائين ڪوهيڙي جي حد نگاهه 00 ميٽر رهجي وئي جنهن سبب موٽروي جي ان حصي کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ڪوهيڙي ۾ گهٽتائي اچڻ بعد موٽروي تي ٽريفڪ عارضي طور بحال ڪئي وئي. ان کان علاوهه پشاور سميت خيبرپختون خواهه جي ٻين علائقن ۾ وڏي ڪوهيڙي سبب اونداهي ڇانيل آهي. ان حوالي سان موٽروي پوليس جي ترجمان شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو موٽروي تي غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، ڪوهيڙي دوران ڏنل هدايتن تي عمل ڪري گاڏين جون بتيون ٻاري ڇڏين ۽ پنهنجي رفتار تمام گهٽ رکن ته جيئن اوچتو بريڪ لڳائڻ جي صورت ۾ ڪو نقصان نه ٿئي. سفر شروع ڪرڻ کان پهرين هيلپ لائن 130 کان مدد حاصل ڪئي وڃي. ملڪ جي گهڻن حصن ۾ ڪوهيڙي سبب پي آءِ اي ملڪ اندر هلندڙ فلائيٽ شيڊول به شديد متاثر ٿيوآهي. اسلام آباد جي جهاز پي ڪي 386 معطل ڪئي وئي. لاهور کان اسلام آباد روانو ٿيندڙ جهاز پي ڪي 652 ٻه ڪلاڪ، ڪراچي کان لاهور ۽ لاهور کان ڪراچي جا جهاز پي ڪي 302 پنج ۽ 303 پوڻا 4 ڪلاڪ، ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ جهاز پي ڪي 368، 2 ڪلاڪ ۽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ 304 هڪ ڪلاڪ دير جو شڪار ٿيا آهن. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي جو سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو