ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 77مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 77 مريض فوت ٿي ويا.جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 43 هزار 900 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 118 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 9لک36هزار.131 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڏ ۾ 3 لک 25 هزار 110، پنجاب ۾ 3 لک 43 هزار 031، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 34 هزار 928، اسلام آباد ۾ 81 هزار 871، بلوچستان ۾ 25 هزار 961، آزاد ڪشمير ۾ 19 هزار 566 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 664 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 44 هزار 987 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 2.54 سيڪڙو ٿي وئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 77 مريض فوت ٿي ويا. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 21 هزار 453 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 264 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 869.691 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو