ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 71 مريض فوت

اسلام آباد ( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 71 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪورونا ڪيسن جو تعداد آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا ڪيسن جو تعداد 2هزار مان گهٽجي  17سئو ٿي ويو آهي.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ اين سي او سي مطابق پاڪستان ۾ ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 47هزار633 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار771 ماڻهن جي ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي  ، جڏهن ته وڌيڪ 71 مريض فوت ٿي ويا آهن.سرڪاري رپورٽ موجب ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 3.71 سيڪڙور هي.پاڪستان ۾ ، تقريبن ٽن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا جا 2 هزار کان گهٽ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ،ان کان اڳ  9 مارچ تي هڪ ڏينهن ۾ 1هزار786 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا .ملڪ ۾ ڪورونا سبب ٽوٽل فوتين جو تعداد 20هزار850 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل انگ 9لک22هزار824 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هن وقت تائين  وائرس کان 8لک44هزار638 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو