ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 46 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 46 ماڻهو فوت، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 21 هزار 828 ٿي ويو، اين سي او سي موجب وائرس جا هڪ هزار 119 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 44 هزار 65 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا جا 8 لک 82 هزار 332 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 3 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو