ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 34 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ڪورونا وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 34 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 21 هزار 723 ٿي ويو، جڏهن ته وائرس جا وڌيڪ هڪ هزار 19 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 42 هزار 189 ٿي ويو، اين سي او سي موجب ڪورونا جا 8 لک 78 هزار 740 مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب به ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 2.59 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو