ملڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ اضافو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آمريڪي ڪرنسي هڪ دفعو ٻيهر 160 روپين جي سطح پار ڪري وئي آهي. گذريل ٻن ڏينهن دوران پاڪستان جي مقامي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ مسلسل اضافو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، قيمت وڌڻ کانپوءِ آمريڪي ڪرنسي جي باري ۾ اميد ڪئي پئي وڃي ته ان ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ لاءِ ملي. سينيٽ بينڪ آف پاڪستان جي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي جي ٻئين ڪاروباري ڏينهن ۾ انٽربينڪ ۾ ڊالر 64 پيسا مهانگو ٿيو، نئين قيمت 159 روپيا 82 پيسن کان وڌي 160 روپيا 46 پيسا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو