ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، سماجي براين خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

مٽياري (رياض چانڊيو) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع مٽياري پاران پريس ڪلب اڳيان مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو، ضلعي اڳواڻن رسول بخش سولنگي، صالح پنهور، حڪيم نوحپوٽو، نواز علي کوسو، غلام قادر ميمڻ، شوڪت جي اڳواڻي ۾ ضلعي ۾ آئل ۽ گئس فيلڊن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ڏيڻ، وڌندڙ بدامني، مهانگائي . بيروزگاري ۽ منشيات جي وڌندڙ آزار خلاف بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو جو چوڻ هو ته مٽياري ضلعي ۾ 39 گئس جي فنڪشنل کوهن هوندي به ضلعي ۾ بيروزگاري  بک بدحالي تمام گهڻي آهي جيڪا انتظامي نااهلي جي ڪري آهي گئس ۽ آئل فيلڊن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه پيو ڏنو وڃي ايتري تائين جو اتي جي مسجد جو پيش امام به مقامي ناهي رکيل ڇا ضلعي ۾ مولوي حافظ يا عالم ناهن. هن چيو ته ضلعي جي سرڪاري اسپتالن ۾ غريبن جو علاج نٿو ٿئي دوائن جي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙهيو وڃي ضلعي ۾ مهانگائي جو طوفان آهي پوري پاڪستان ۾ مٽياري ضلعو مهانگائي ۾ پهرين نمبر تي آهي ان کان علاوه ضلعي ۾ منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن شراب، چرس، آفيم، هيروئن، مين پڙي، جي اين شي، سفينا مطلب ته هر نشو هتي سرعام دڪانن تي عام وکر انگر کپايو پيو وڃي اها سڄي ضلعي انتظاميه جي نااهلي آهي. هن چيو ته فلحال اسان جي هي هڪ ڏينهن جي بک هڙتال آهي اگر انتظاميه قبلو درست نه ڪيو ته اسان ايس ٽي پي جي پليٽ فارم تان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو