ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ 12 آگسٽ سومر تي ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي(استاف رپورٽر) چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جي چيئرمين اعلان ڪيو آهي ته ذوالحج جو چنڊ جمع تي نظر اچي ويو آهي ۽ عيد الاضحيٰ 12 آگسٽ سومر تي ملهائي ويندي. مفتي منيب الرحمان جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته ملڪ جي مختلف حصن مان 72 چنڊ ڏسڻ جون شهادتون مليون آهن. واضح رهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزير فواد چوڌري جون ۾ سائنسي بنياد تي چنڊ جي پوزيشن جي حوالي سان ٻڌايو هو ته عيدالاضحيٰ 12 آگسٽ تي ٿيندي. هن چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ختم ڪرڻ جو به بيان ڏنو هو جنهن تي مذهبي حلقن مان مٿس ڪڙي تنقيد ٿي هئي. هن 10 سالن جو قمري ڪئليندڙ تيار ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو