ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ وڌندڙ جنسي تشدد جي وبا

ليکڪ   جاويد سولنگي

بيماريون فقط جسماني ناهن هونديون پرڪي بيماريون پنهنجي ڪوڙي انا جي تسڪين جي پوراءَ جون به هونديون آهن. جسماني بيماري جو اعلاج ته ممڪن آهي پر انا جي ڪوڙي تسڪين واري بيماري ”وبا“ جي صورت ۾ پکيرجي قومن کي متاثر ڪندي رهي ٿي. جنسي تشدد به اهڙي ئي قسم جي هڪ وبا آهي جيڪا اسان جي معاشري ۾ پوري طرح پکيرجي وئي آهي ۽ ان وبا جي اعلاج لاءِ نه ئي حڪومتي سطح تي ۽ نه ئي وري انفرادي سطح تي ڪي ڪششون ورتيون پيو وڃن. تازو ئي نور مقدم جو قتل هن جو هڪ مثال آهي، هي واقعو هن قسم جو ڪو پهريون واقعو ناهي اسان جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. ڇا اسان ايترا بي حس ٿي ويا آهيون جو اهڙي قسم جا واقعا اسان جي لاءِ ڪا به اهميت نه ٿا رکن؟ اسان کي هن وبا جو اعلاج ڳولڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو ته جئين اسان ۾ موجود هن وبا جي زهريلي رسم ۽ رواج تي غوري ڪري ان کي ختم ڪري سگھجي. اسان پاڻ اجتماعي طور تي وڏي مرتبي وارا،مذهبي يا وري پنهنجي پنهنجي سوچ وارا ٿئي سگھون ٿا، پر انهن ريتن، رواجن، اصولن ۽ اهڙن قدمن جا هاڪاري ڪڏهن نه نٿا ٿئي سگھون جيڪي هن ملڪ جي اَڌُ آبادي کي ڪمزرو ۽ غلام رکڻ سان تعلق رکن ٿا. هڪ عام ماڻهون اهي چئي سگھي ٿو ته اسان جو مذهب ۽ قانون هتان جي عورت کي سڀ حقَ ڏنا آهن پر معاشري ۾ حقيقت ان جي ابتر آهي. پاڪستان ۾ گھريلو زيادتين جي واقعن جو تناسب بين الا قوامي تنظيمن جي مطابق 70 کان 90 فيصد جي وچ ۾ آهي. جنسي تشدد پاڪستان جو واحد مسئلو ناهي. ورلڊ اڪنامڪ فورم 2021 جي گلوبل جينڊر انڊيڪس جي مطابق پاڪستان ۾ جنسي اڻ برابري ڇڙڪائيندڙ آهي. ان ۾ ڪو شق ناهي ته جنسي اڻ برابري هڪ عالمي مسعلو آهي. موجوده لاڙي کي ڏسندي پوري دنيا مان جنسي فرق کي ختم ڪرڻ ۾ تقرين 136 سالن جو عرصو گھربل آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جنسي تشدد جي خراب صورتحال ان جو سبب آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ عورت کي مرد سان گڏ برابري حاصل ڪرڻ ۾ ايترو وقت ڇو درڪار آهي؟ ڊبليو اي ايف جي رپورٽ  ۾ استعمال ٿيل انڊيڪس جنسي فرق لاءِ چئن اهم طرفن ڏانهن اشارو ڪري ٿو. عورت کي اقتصادي دائري ڪار ۾ شريڪ ڪرڻ، تعليم صحت تائين مڪمل پهچ هجڻ، عورت جي بقا ۽ سياسي طرح سان بااختيار ڪرڻ. پاڪستان هن انڊيڪس ۾ 156 مان 153 نمبر تي آهي مطلب افغانستان جي برابر. هي درجابندي پاڪستان ۾جنسي اڻبرابري کي ظاهر ڪرڻ لاءِ جامع ثبوث طور پيش ڪري سگھجي ٿي. پاڪستاني ان ڳالھ تي اعتراض ڪري سگھي ٿو ته اسان افغانستان کان هن معاملي ۾ بهتر آهيو پر اڄ به اسان وٽ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي تعليم ۾ فرق، ماءَ ۽ ٻار جي موت جو وڌيڪ تناسب، مردن ۽ عورتن جي روزگار ۾ فرق،مذهب جو مجھيل تشريحون ۽ جنسي تشدد واري وبا جي خلاف حڪومت جون ناڪام پاليسيون، عورت کي ذاتي ملڪيت سمجھڻ ۽ غيرت جي نالي تي عورت تي تشدد اسان کي افغانستان جي برابر آڻي ڇڏيو آهي. اهو سڀ ظاهر ڪري ٿو پاڪستان کي هڪ طويل سفر طع ڪرڻو آهي. ڪووڊ 19 جي وبائي بيماري  هن فرق کي  پڻ وڌايو آهي ۽ گھريلو تشدد ۾ روزانا وڌاءُ آيو آهي. جيتوڻيڪ ملڪ ۾گڏيل طور مڪمل انگ اکر موجود ناهن پر عورتن جي حفاظت لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن وٽ ڪجھ انگ اکر ملن ٿا. جنسي تشدد هڪ توجھ طلب ۽ مجھيل مسئلو آهي، هن مسئلي کان ڪنارا ڪشي اختيار ڪرڻ يا هن کي نظرانداز ڪرڻ هن مسئلي جو نه ئي حل آهي ۽ نه ئي اهڙي قسم جي روش هي ختم ٿيندو. عام طور تي جيڪي ماڻهون جنسي تشدد کان پوءِ قتل ۾ ملوث آهن  انهن کي سري عام ڦاسي ڏيڻ يا اهڙيوي قسم جون سزائون معاشري ۾ وڌيڪ جنونيت جو سبب ٿينديون. پاڪستان ۾ تشدد جي متاثر عورتن لاءِ تحفظ، آرام ۽ مدد لاءَ پائدار نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. گھريلو تشدد جي خلاف قومي اسيمبليءَ مان منطور ٿيل بل اسلامي نظرياتي ڪونسل جي اعتراض تي روڪيو ويو آهي. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو اسان اهڙي قسم جي قانونسازيءَ لاءِ عملي قدم کڻون ۽ جنسي حقن جي تحظ خاطر ٻين عملن کي موثر بڻايو. جنسي تشدد جي مجرم کي سخت کان سخت سزا ڏياريڻ ئي هن وبا جو واحد اعلاج آهي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ جڏهن به اهڙي قسم جي وبا لاءِ قانونسازيءَ وارو اعلاج تلاش ڪري جڏهن معاشري ۾ موجود جنسي وبا جو علاج شروع ڪجي ٿو ته هن جي خلاف رڪاوٽن جي مضبوط ڀت اڏي وڃي ٿي. jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو