ملڪ لاءِ ڪهڙي به نمبر تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان، صهيب

ڊربي (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ ٽاپ آرڊر بيٽسمين صهيب مقصود چيو آهي ته مان ملڪ خاطرهر پوزيشن تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان. ڊربي مان ورچوئل پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي صهيب مقصود چيو ته مان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بنا خوف راند کيڏي، هاڻ به ائين ئي کيڏڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته ٽيم ۾ جيڪي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن، اڳ ۾ انهن جو حق آهي، مان پي ايس ايل ۾ هيٺين نمبرن تي به کيڏيو آهيان، تنهن ڪري ڪنهن به پوزيشن تي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان. سندس چوڻ هو ته وڏي وقت کانپوءِ ٽيم ۾ واپسيءَ جو موقعو مليو آهي، ان مان ضرور حاصل ڪندس ۽ ڪوشش ڪندس ته مستقل ٽيم جو حصو رهان.

پهنجو تبصرو موڪليو