ملڪ رياض جي پٽ، ناٺي ۽ ٻين خلاف نئون ريفرنس داخل

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نيب راولپنڊي اومني گروپ جي سربراه عبدالغني مجيد، بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي پٽ ۽ ناٺي سميت ڪيترن ئي آفيسرن خلاف نئون ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ريفرنس ۾ محمد يونس، عبدالجبار، محمد بشير، آفتاب احمد ميمڻ، سيد محمد شاهه، سهيل احمد ميمڻ، ممتاز علي چنا، محمد علي ڪلوڙ، مهتاب سهتو، گل ڪلوڙ، قربان علي، محمد اسلم قريشي ۽ بحريه ٽائون پنڪ ريزيڊنسي ڪمپني شامل آهن. هن ڪيس ۾ سرڪاري آفيسرن تي الزام آهي ته هنن اختيارن جو غير قانوني استعمال ڪندي 2.5 ارب روپين جو قومي خزاني کي نقصان پهچايو آهي. واضح رهي ته نيب اڳ ۾ ٽي اپريل تي هڪ عبوري ريفرنس داخل ڪيو هو جنهن ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن يعني ڪي ايم سي جا آفيسر محمد حسين سيد، متانت علي خان، سميع الدين صديقي، خليل طفر هاشمي، نجم الزمان، عبدالرشيد، عبدالغني ۽ يونس قدوائي شامل هئا، مثن الزام آهي ته هنن ٽن بئنڪن، سنڌ، سمٽ ۽ يو بي ايل ۾ 29 اڪائونٽس ذريعي اربين روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي آهي. ايف آءِ اي هن ڪيس ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، اومني گروپ جي انوري مجيد ۽ سندس پٽن کانسواءِ ڏهه ٻين ملزمن کي به شامل ڪيو هو. هي اهو عبوري ريفرنس ئي آهي جيڪو ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو