ملڪ جي موجوده صورتحال تي تکي نظر

تحرير محمد فاروق ٻرڙو

 وزيراعظم عمران خان ھڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته منھنجي حڪومت ھلي  به وڃي  احتساب بابت ڪو به سمجھوتو نه  ڪندس وزيراعظم عمران خان اھا ڳالھ ڪيترائي ڀيرا اڳ به  چئي چڪو آهي ھر ڀيري سندس اھو ئي چوڻ ھوندو آھي ته ڪجھ به ٿي پوي پر آئون اپوزيشن ۾ ويٺل ڪرپٽ ماڻهن کي اين آر او نه  ڏيندس اسان ڪالھ به ھنن ڪالمن ۾ تفصيلي جائزو ورتو ھو جنهن ۾ اسان ان ڳالھ جي واضع نشاندهي ڪئي ھئي ته اپوزيشن جو اتحاد پي ڊي ايم جيڪڏهن اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿو تنھن ھوندي به وزيراعظم جي حڪومت آئيني طرح برقرار ئي رھندي ڇاڪاڻ ته پي ٽي آء کي ھن وقت به قومي اسيمبلي ۾ سادي اڪثريت حاصل آهي ۽ حڪومت کي 19 ميمبرن جي سرسي حاصل آهي اھڙي صورتحال ۾ حڪومت جي وڃڻ جو سوال ئي پيدا نه  ٿو ٿئي باقي اھو ضرور ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آء کي قومي اسيمبلي ۾ جيڪا اڪثريت حاصل آهي اھا ان جي اتحادي پارٽين جي حمايت ڪري ئي حاصل آهي، جيستائين اھي پارٽيون حڪومت سان سهڪار ڪنديون رھنديون تيستائين حڪومت قائم رهي سگهي ٿي، ھنن ڪالمن لکجڻ تائين اتحادي پارٽين پاران اھڙو ڪو به اشارو نظر نه آيو آهي، جنهن مان اھا ڳالھ ثابت آهي ته اتحادي پارٽيون وزيراعظم عمران خان سان گڏ آھن ان ھوندي به حڪومت ۾ شامل اڳوڻي حڪمران جماعت ق ليگ بابت اھي شڪ ڏيکاريا پيا وڃن ٿا ته اھا ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آء سرڪار کي ڇڏي وڃي.ان سلسلي ۾ ق ليگ جي سربراھ چوڌري شجاعت حسين ۽ پرويز الاهي پاران نواز شريف جي امڙ جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪرڻ ۽ ان کان اڳ وزيراعظم پاران اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي ڏنل رات جي ماني واري دعوت ۾ شرڪت نه ڪرڻ ۽ ھاڻ خبرون مليون آهن ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چوڌري ڀائرن سان ملاقات ڪري چوڌري شجاعت جي خيريت معلوم ڪئي آهي جنهن مان لڳي ٿو ته ق ليگ ۽ اپوزيشن وچ ۾ ھڪ ڊگھي عرصي کان موجود برف ھاڻ ڪجھ پگھرڻ شروع ٿي چڪي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته چوڌري ڀائر پي ٽي آء جي حڪومت ڊھڻ جي صورت ۾ نيون چونڊون ٿيڻ کان پوءِ ٺهندڙ حڪومت ۾ پنجاب جي وڏ وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالھيون ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن نواز ليگ اھڙي خاطري چوڌري ڀائرن کي ڪرائي ٿي ته پوءِ ممڪن آهي ته چوڌري ڀائر به اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، چيو وڃي ٿو ته پنجاب حڪومت جون واڳون سنڀالڻ چوڌري ڀائرن جو ھڪ وڏو خواب رهيو آهي، چوڌري ڀائر پي ٽي آء حڪومت ۾ انھيءَ اميد سان شامل ٿيا ھئا ته کين پنجاب جي وڏ وزارت ڏني ويندي پر وزير اعظم عمران خان کين پنجاب جي حڪومت حوالي نه ڪئي، جنهن ڪري اھي اندروني طور تي وزيراعظم عمران خان سان ڪنھن حد تائين ناراض ضرور آهن، فرض ڪجي ته ق ليگ پي ٽي آء حڪومت کان ڌار ٿيئي ٿي ته پوءِ ڪھڙي صورتحال پيدا ٿيندي ان سلسلي ۾ ڏسڻو اهو آهي ته ھن وقت مسلم ليگ ق جا اسيمبلي ڪيترا ميمبر آهي اسان جي خيال ۾ جيئن پي ٽي آء سرڪار کي 19 ميمبرن جي سرسي حاصل آهي جيڪڏهن ق ليگ جا 5 ميمبر ڌار ٿي وڃن تڏهن به پي ٽي آء سرڪار کي ايوان ۾ سادي اڪثريت حاصل ئي رھندي، بھرحال ملڪ جي موجوده صورتحال تي تکي نظر رکي ويٺل حلقن جو خيال آهي ته ايم ڪيو ايم جيڪا هن وقت پي ٽي آء سرڪار جي زبردست اتحادي آهي، تنھن کي به حڪومت کان ڌار ڪرڻ لاءِ ٻين لفظن ۾ اڻ سڌي طرح ڪاروائي شروع ٿي چڪي آهي، ان سلسلي ۾ ھڪ ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي 4 سالن کان گم ٿيل ھڪ ڪارڪن جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي جنازي کڻڻ وقت اڳواڻن جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، اھا سنئين سڌي ملڪ جي اھم اداري جي خلاف ئي ٻڌڻ ۾ آئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته مارجي ويل ڪارڪن جي جاچ ڪرائي وڃي، اسان نه ٿا سمجهون ته ايم ڪيو ايم جي ان مطالبي کي ويچار ھيٺ آندو ويندو يا مارجي ويل ڪارڪن جي مارجڻ بابت جيڪي الزام لڳايا پيا وڃن، انھن الزامن کي نظرانداز ڪيو ويندو ان ڪري ايم ڪيو ايم جي مارجي ويل ڪارڪن جو خون ته ڄڻ لڙھي ويو پر اھو واقعو ايم ڪيو ايم کي ضرور سوچڻ تي مجبور ڪندو ته ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ به ان شرط تي شامل ٿي ھئي ته ايم ڪيو ايم جي گم ٿيل ڪارڪنن کي بازياب ڪرايو ويندو، جيڪو مطالبو پورو نه ٿي سگهيو آهي ويتر ھاڻ گم ٿيل ڪارڪنن جا لاش ملڻ شروع ٿي ويا آهن، اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن اھو تڪرار اڃا به تيز ٿئي ٿو ته ايم ڪيو ايم جا به اسيمبلي ميمبر حڪومت کان ڌار ٿي سگھن ٿا، ان حوالي سان ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جو انگ 12 ٿيئي ٿو يعني حڪومت جي ڪيمپ ۾ باقي 6 اضافي ميمبر وڃي بچن ٿا، اھڙي طرح صورتحال ۾ حڪومت ھلي نه ٿي سگهي، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته وزيراعظم پاڻ اسيمبلي کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ملڪ ۾ وچولي مدي واريون يا عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏي، شايد اھو ئي خيال آهي جيڪو وزيراعظم کي ورجائي ورجائي اھا ڳالھ ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ھو حڪومت ڇڏي ويندو پر احتساب يا ڪرپشن بابت ڪو به سمجھوتو نه ڪندو اسان اپوزيشن پاران موجوده حڪومت جي گھر ڀيڙو ٿيڻ وارين ڳالهين کي زميني حقيقتن جي ابتڙ ئي ڏسون ٿا ڇاڪاڻ ته 18 آئيني ترميم کانپوءِ حڪومت ٽوڙڻ جو اختيار صدر يا ٻي ڪنهن وٽ  ناھي يعني وزيراعظم پاڻ چاھي ته اھو اسيمبلي کي ٽوڙي سگهي ٿو، جڏهن ته اڳ آئين جي شق 58 (2)بي تحت اھي اختيار صدر کي حاصل ھئا ان ڪري صدر کان اسيمبليون ٽوڙائڻ وارو ڪم ورتو ويندو هو، اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان ٻه ڀيرا اسيمبلين کي ٽوڙيو جنهن تي اپوزيشن ٽوڪ ڪندي چيو ھو ته جيڪو صدر اخروٽ کي ڀڃي نه ٿو سگهي اھو اسيمبليون ٽوڙڻ وارو ڪم ڪري رهيو آهي، بھرحال پيپلز پارٽي جي اڳوڻي حڪومت صدر کي بي اختيار ڪرڻ لاءِ آئين ۾ 18 ترميم ته ڪئي پر ھاڻ اھا خود به سوچي رھي ھوندي ته وزيراعظم کي سگھارو ڪرڻ جو اھو نتيجو نڪتو آهي جو ھاڻ وزيراعظم کي اقتدار تان لاهڻ لاءِ ڪو به رستو ناهي بچيو آهي، سواءِ ان جي جو اپوزيشن اسيمبلين تان استعيفائون ڏيئي ڇڏي، جنهن کان پوءِ وزيراعظم خود مجبور ٿي اھو استعيفا ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃي، بھرحال وزيراعظم عمران خان جي حڪومت کي ته اسان جي خيال ۾ ڪو ايڏو وڏو خطرو ناهي جھڙن خطرن ۾ نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو جون حڪومتون ھيون، بھرحال اسان جيڪڏهن اپوزيشن جي اڳواڻن جي ان ڳالھ کي سچ سمجھون ته وزيراعظم عمران خان سليڪٽيڊ آهي ۽ سندن چواڻي اسان جو جھيڙو عمران خان سان نه پر ھن کي آڻيندڙن سان آهي ته پوءِ آڻيندڙ جيڪڏهن ھڪ اشارو ڪندا ته ماضي ۾ جھڙي ريت اسيمبلي ميمبر وڏي انگ ۾ ڀاڄ ڪندا فلور ڪراسنگ ڪندا رهيا ھن ڀيري به اھو سڀ ڪجھ ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ فلور ڪراسنگ جو رڪارڊ ٽوڙيندڙ اسيمبلي ميمبرن جو ھڪ وڏو انگ اڄ به قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ موجود آهي ٿي سگهي ٿو ته کين ٻيھر اڏام ڪرڻ لاءِ ڪٿان کان ڪو اشارو ملي وڃي ۽ اھي ڍنڍ جا پکي اڏامي وڃي ڍنڍ جي ٻئي ڪپ تي ويهي رھن ۽ وزيراعظم ڏسندو ئي رهجي وڃي، 

پهنجو تبصرو موڪليو