ملڪ اندر ميرٽ تي اُٿندڙ سوال ۽ اختلافِ راءِ!

ليکڪ ايڊووڪيٽ عبيدالله

ڪجهه ڏينهن پهريان کان ته سوشل ميڊيا توڙي جو پرنٽ ميڊيا اندر چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 10 جولاءِ جي شام تي سندس آمد واري پروگرام لاءِ ڏاڍيون دعوتون ۽ تياريون زور سور سان جاري هيون پر اچانڪ جڏهن حيدرآباد بار جي ڪجهه وڪيلن پاران پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ويو ته ”جيڪڏهن چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد خان حيدرآباد جي نئين چونڊيل باڊي جي حلف برداري واري تقريب ۾ پهتو ته سندس احتجاج سان آجيان ڪنداسين.“ گڏوگڏ اها وضاحت به ڪئي ته چيف جسٽس جي پروگرام بابت ڪا جنرل باڊي نه ڪوٺائي وئي ۽ نه ئي وڪيلن کي اعتماد ۾ ورتو ويو ته چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب ڪڏهن ڪوٺرائجي، گڏوگڏ انهي احتجاجي گروپ وڪيلن جو سوشل ميڊيا تي اِهو به موقف هو ته هاءِ ڪورٽ توڙي جو سپريم ڪورٽ اندر مقررين لاءِ ميرٽ تي غور نه ٿو ڪيو وڃي. گڏوگڏ اهو به چيو  ويو ته سنڌي وسندين جي والار خلاف پاس ڪيل ريمارڪس تي نه رڳو پوري سنڌ جو ٻچو ٻچو اُٿي بيٺو هو پر انهي ڏينهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڪيلن به پاڻ ملهايو ۽ اڄ سوڌو ملهائي رهيا آهن. انهيءَ ڄاڻايل اشوز کي سامهون رکندي حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ بار پاران ڪوٺايل پروگرام ملتوي ڪيو ويو. خير احتجاج ڪرڻ ته سڀ ڪنهن جو آئيني ۽ قانوني حق آهي پر احتجاج لاءِ وقت جو تعين ۽ تقاضائون به ضروري هونديون آهن.

حيدرآباد جي هن شانائتي بار بابت ڇا لکجي، فخر آهي ته آئون به ايشيا جي وڏن بارن ۾ شمار ٿيندڙ هن بار جو حصو آهيان، مون مختلف وقتن تي حيدرآباد بار جون چونڊون هجن يا اڳ ۾ هن بار طرفان هاءِ ڪورٽ جي ججن کي ڏنل مان ۾ ملتوي ڪيل دعوتون هجن يا وري اُهي مهذب وڪيل جيڪي هن بار کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ويا هجن، انهن تمام معاملن کي هميشه ڏکائتي انداز ۾ وائکو ڪيو آهي ته آخر هن بار اندر اِهي عمل ڇو ٿي رهيا آهن. جن جا اثرات نه رڳو اسان کي ان وقت ڀوڳڻا ٿا پون جڏهن حيدرآباد بار طرفان پاس ڪرايل ڪو متفقه قرارداد عدالتن اندر ڏيکاريون ٿا ته پوءِ اڪثريتي جواب به مهذب جج صاحبان اِهو ئي ڏيندا آهن ته ”ايسي ڪردار تو هماري پاس روزانه آتي رهتي هين، وڪيل صاحب آپ اپنا ڪيس بتائو“ يقينن ان وقت پاڻ سان ڪهڙي تڪليف درپيش هوندي، جڏهن اسان جي بار پاران ڪنهن وڪيل ميمبر سان زيادتي ٿيندي هجي ۽ سامهون اِهو جواب ملي ته پوءِ شايد اُها خبر ناهي ته انهي تڪليف جي ماريل وڪيل کان ڇا گذري هوندي.

بار جون چونڊون ساليانيون ٿينديون آهن ۽ ووٽر به وڪيل حضرات هوندا آهن، حقيقت ۾ ڏسجي ته اڄ جيڪو ڪجهه هن حيدرآباد جي بارن ۾ ٿئي پيو سو انتهائي افسوسناڪ آهي، حالانڪه ائين ٿيڻ نه گهرجي، پاڻ تمام معاملن کي ڏسندا رهندا آهيون ۽ گهڻي وقت کان خاموشي جو روزو به رکيو آهي پر تازو جڏهن ملڪ جي چيف جسٽس جي رٿيل پروگرام کي ملتوي ڪرايو ويو سو عمل ڪنهن به صورت ۾ هن هيڏي وڏي بار جي وڪيلن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪونه ٿي سونهين. اسين حيدرآباد جا وڪيل مهمان نوازي ۾ هڪ شاندار مقام رکڻ جو تعارف رکون ٿا، گڏوگڏ آئون پنهنجي ساٿي دوستن جي قابليت کي به نٿو وساري سگهان. احتجاجي ساٿي وڪيلن جي اِها ڳالهه ضرور وزنائتي آهي ته پروگرام ٿيڻ کان پهريان جنرل باڊي جو اجلاس سڏايو وڃي ها، مڃون ٿا ته انهي اجلاس ۾ متفقه فيصلو ته ڪونه ٿي سگهي ها، ڇو ته اسان وٽ پلان اي ۽ بي اڳ ۾ ئي تيار ٿيل هوندا آهن پر چونڊيل باڊي کي ڊسٽرڪٽ بار اندر انهن ميمبر وڪيلن کان يڪراءُ طور مشورو وٺڻ بار جي اصولن اندر ڳالهه اچي ٿي، خبر ناهي ته ڊسٽرڪٽ بار جي باڊي الائجي ڇو هيڏو خواري جو کارو کڻڻ کان پهريان اِها خانه پوري نه ڪري سگهي. ساڳئي وقت منهنجي خيال ۾ ته ڊسٽرڪٽ بار جي باڊي کي ناراض ٿيل ساٿي وڪيلن جي تحفظات جي به ضرور ڄاڻ هوندي پر پوءِ به سندن جنرل باڊي نه گهرائڻ واري غلطي تسليم ڪرڻي پوندي. گڏوگڏ احتجاجي سڏ ڏيندڙ وڪيل دوستن کي اِهي به تحفظات رهيا آهن ته هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ اندر مقررين ۾ ميرٽ نٿي ڪئي وڃي، خاص ڪري جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ جج طور مقرر نه ٿو ڪيو وڃي، اِن پٺيان پوري سنڌ جا وڪيل ان تي سواليا نشان لڳائين ٿا ته آخر جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي جج جو اهل به آهي ته پوءِ پنجين نمبر واري هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج کي ڇو ٿو کنيو وڃي، ڳالهه برحق وزندار آهي پر منهنجي ننڍڙي تجربي مطابق اِها روايت سنڌي وڪيلن يا سنڌي ججن سان پراڻي آهي، انهي اِشو تي وڃڻ وقت جو ضايع ڪرڻ هوندو ڇو ته جڏهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاڙڪاڻي ڄائو احمد علي شيخ صاحب چيف جسٽس جو حلف کڻي رهيو هو ته گهڻن کي دلي درد ٿيو هو ۽ لاتعداد وڪيلن کي به دل ۾ تڪليف پهتي هئي پر الله سائين جنهن کي عزت سان نوازي، تنهن جو مالڪ ته رب پاڪ پاڻ ئي آهي. ميرٽ تي اٿندڙ سوال رڳو اتي ئي ختم نٿا ٿين بلڪه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وارو معاملو به تمام گهڻو اهم آهي، جيڪو سپريم ڪورٽ جو ايندڙ چيف جسٽس ٿيڻو آهي، پر مٿس جيڪي الزام سامهون آيا، ان مان معلوم ٿئي پيو ته هٿ سان معاملن کي بگاڙيو پيو وڃي ته جيئن ميرٽ کي لتاڙڻ جون راهون هموار ڪري سگهجن! بهرحال، رهيو معاملو بحريه ٽائون بابت چيف جسٽس صاحب جي ڏنل ريمارڪس جو ته هي هيترا ماڻهو ڪير هُئا؟ ڪٿان آيا؟ ڪيئن آيا؟ منهنجي خيال ۾ ته منهنجي وڪيل ساٿين کي اهڙي موقف تي ڏک نه ڪرڻ گهرجي، ڇوته ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين ڏک ته اسان جو همسفر رهيو آهي، پوءِ اهو ڏک ڪهڙي به رُخ سان قسمت ۾ اچي. پاڻ سنڌ حڪومت کي به معيار نه ٿا ڏيون، جنهن جا ذميوار وزير ڪيترائي ڀيرا بحريه ٽائون واقعي ۾ ملوث ماڻهن جا نالا به ڏئي چُڪا آهن پر سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. قومي قيادت کان وٺي مهذب وڪيل ئي آهن جن خلاف اڄ دهشتگردي جا قلم لڳائي عدالتن جا چڪر ڪٽرايا پيا وڃن. ساٿي وڪيل چيف جسٽس جي موقف بابت ڪهڙو احتجاج ڪندا. آئون سمجهان ٿو ته ساٿي وڪيل احتجاج جو حق رکن ٿا پر هڪ طرف اُهي وڪيل جيڪي پنهنجو موقف ڏئي احتجاج جو اعلان ڪري چُڪا هئا ۽ گڏوگڏ سندن مهمان نوازي جي به دعويٰ ڪن پيا ته اسين حيدرآباد جا وڪيل آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ ڄاڻون ٿا ته پوءِ منهنجي خيال ۾ ته اهڙي موقعي تي جڏهن هڪ پروگرام به سينگاريو ويو هو ته پوءِ اهو ٿيڻ ڏنو وڃي ها. بارن اندر اختلاف ضرور هوندا آهن پر هي جيڪا روايت قائم ڪئي وئي آهي سا ايندڙ وقت لاءِ سٺو سنئوڻ هرگز ناهي، ڇوته اليڪشن ته اچڻي وڃڻي آهي، اڄ جيڪي وڪيل هن باڊي جو حصو آهن سي سڀاڻي هارائي به سگهن ٿا. مون شروعاتي سٽن ۾ به اهو ئي واضح ڪيو ته احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر ان ۾ وقت جو تعين هجڻ ضروري آهي، پاڻ هڪ طرف مهمان نوازي جا دعويدار آهيون ته وري ٻئي طرف پنهنجي بار ۾ گهرايل ۽ ڪوٺ ڏنل ڪاڄ کان انڪاري به ٿي رهيا آهيون، سو اِهو عمل هن هيڏي وڏي بار جنهن جا ڪيئي جج جيڪي سپريم ڪورٽ تائين فائز رهيا آهن، هي اُها بار آهي جنهن اڻ ڳڻيا وڪيل پيدا ڪيا، جهڙوڪ حيدرآباد جا نامور سينيئر وڪيل سائين جهمٽ مل، پروفيسر احمد علي شيخ، ڪماالدين صاحب، منصور الحق انصاري، ماما يوسف لغاري، حاڪم علي صديقي، نور الحق قريشي جهڙن قابل ترين وڪيلن سان نوازيل هن بار ۾ جڏهن اهڙي ڪيفيت پيدا ڪئي ويندي ته انهن سينيئر اُستاد وڪيلن جي يقينن دل آزاري ٿي هوندي، آئون هن ايشيا جي وڏي نامور بار جي وڪيل ساٿين کي گذارش ڪندس ته ڪٿي پنهنجي ذاتي رنجشن کي هن بار جو اختلافي حصو بنائي اهڙا ملندڙ موقعا نه وڃايا وڃن، جنهن سان هن بار جو مان مٿانهون ٿيڻ بدران ڪيئي سواليا آڱريون کڄن. ساڳئي وقت هڪڙي ٻي اهم ڳالهه به ضرور واضح ڪندس ته اڳ ڪڏهن به اهڙن سنهري موقعن جا سجايل پروگرام اوچتو ملتوي ڪونه ٿيندا هئا، شايد تنهن دور ۾ قاضي عبدالستار جهڙن سينئر وڪيل اڳواڻن جو هٿ هو، اڄ خبر ناهي ته هن بار اندر هي سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي، شايد اها چوڻي به درست آهي ته ”ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.“ advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو