ملڪي سلامتي بابت اهم اجلاس، فوجي ۽ سول قيادت جي مشاورت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي صدارت ملڪي سلامتي، ٽي ايل پي جي احتجاج بابت اهم اجاس ٿيو. بني گالال جي لان تي اوپن ماحول ۾ ٿيل اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، وزير داخلا شيخ رشيد احمد، دي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد، ڊي جي ملٽري آپريشنز، ڊي جي آءِ بي ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪيل اهم فيصلن بابت شيخ رشيد ٿور ي دير ۾ بريفنگ ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف اڪيلائي ۾ به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري سميت اهم مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم سعودي عرب جي دوري بابت به اجلاس کي بريف ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو