ملير پوليس نيب جي ٻن جعلي آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو

ملير(رپورٽ درياخان شر) ملير پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري ٻن نيب جي ٻن جعلي آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هو ٻئي ڄڻا پاڻ کي نيب جو آفيسر ظاهر ڪري ڦر لٽ ڪندا رهيا آهن. ملير جي علائقي مبينا ٽائون ۾  پوليس ھڪ جوابدار حسنين رضا عرف ڪاشف کي راجپوت ڪالوني مان گرفتار ڪيو ۽ سندس نشاندهي تي سماما شاپنگ سینٽر وٽان ٻئي جوابدار نعيم الله کي پڪڙي ورتو، جيڪو پاڻ کي نیب جو جعلي میجر ظاھر ڪري سرڪاري ادارن جي مختلف آفيسرين کي  بلیڪ میل ڪري سیٽلمينٽ جي نالي تي پئسا وٺندا هئا. ملزمن لکين روپيا ڀتو وصول ڪرڻ جو پوليس سامهون اقرار ڪيو آهي. پوليس جي دعويٰ آهي ته جوابدارن وٽان ھٿيار به ھٿ ڪيا ويا آھن ۽ کائن تفصيلي جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو